نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا ويڪسين هڻائيندڙ اسپتال جو ملازم فوت ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق هي واقعو اتر پرديش رياست ۾ پيش آيو آهي، جتي مراد آباد ۾ ڪورونا جي ويڪسين هڻائيندڙ اسپتال جو 46 ورهين جو ملازم مهيپال سنگهه 24 ڪلاڪن کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو. مهيپال سنگهه اسپتال ۾ وارڊ بواءِ هو، جنهن 24 ڪلاڪ اڳ ڪورونا کان بچاءَ واري ويڪسين لڳرائي هئي، جنهن جي لاڏاڻي تي اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته سندس موت دل جي دوري سبب ٿيو آهي.
