334

ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ پاران ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقادر جوڻيجو ۽ ارشاد علي شاهه کي خراج تحسين پيش

ڄامشورو (رپورٽ: حاڪم چانڊيو ) سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو طرفان تازو لاڏاڻو ڪري ويل سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورننس جي ميمبرن ۽ سنڌ جي ناميارن ڏاھن، اڪابرن، اديبن ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقادر جوڻيجو ۽ سيد ارشاد علي شاهه جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، سنڌي ادبي بورڊ جي مخدوم طالب الموليٰ آڊيٽوريم ۾ رٿيل ميڙاڪي جي صدارت سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان عاطف ڪئي جڏهن ته ناليواري ليکڪ، اديب مدد علي سنڌي، سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمود مغل، بيورو آف ڪريڪيوليم جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ادريس جتوئي، نالي شاعر ۽ صحافي نياز پنهور، ميمبر بورڊ آف گورنرس سرفراز راڄڙ،  سيد ارشاد علي شاهه جي فرزند سيد شهزاد علي شاهه، عبدالقادر جوڻيجو جي فرزند نصير جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ناٺي ڊاڪٽر عبدالرحيم ۽ ٻين مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. ميڙاڪي ۾ اديبن، شاعرن، سگهڙن، فنڪارن، صحافين سوڌو فوتي اديبن جي وارثن ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مقررن ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقادر جوڻيجو ۽ سيد ارشاد علي شاهه کي سنڌي ادب ۽ ٻولي جا خدمت ڪار ۽ اثاثو قرار ڏيندي کين لفظن جي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان عاطف چيو ته اڄوڪو ميڙاڪو ان ڪري ڪوٺايو ويو آهي ته پنهنجي محسنن کي ياد ڪري سگهجي ۽ کين ڀيٽا پيش ڪجي، سنڌي ادبي بورڊ اسان وٽ امانت آهي ان جي جيتري خدمت ڪري سگهيس ڪندو رهندس. هن پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته بورڊ جو ڪم ڪتاب ۽ مسودن کي ڇاپڻ آهي جن ۾ تاريخ سمايل آهي ان ڪم لاءِ ملندڙ بجيٽ مان 80 سيڪڙو پگهار ۽ باقي رقم مان ڪتاب ۽ ٻيا خرچ پورا ڪيون ٿا مٿان وري بار بار ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي جنهن سبب اسان رڳو پگهارن تائين محدود ڪيو ويو آهي جيڪو ملازمن جو بنيادي حق به آهي. بورڊ جو بنيادي ڪم  ڪتابن ڇپائڻ آهي اهو متاثر ٿي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته پنهنجي پريس مان ڇپايون، وڏي پريس جي ضرورت آهي، 110 ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن 30 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپائي هيٺ آهن. ٽي رسالا به وقت سر شايع ڪري رهيا آهيون. اسان جي اها به ڪوشش آهي ته عالمي ادب کي ترجمو ڪرايو وڃي، ان ڪري اسان جي گهر آهي ته ڪتابن ۽ مسودن جي ڇپائي، نئين لائبريري جي قيام، ڪوارٽرن جي مرمت لاءِ سنڌ حڪومت مالي مدد لاءِ اسپيشل گرانٽ جاري ڪري. هن سنڌ جي اديبن کي اپيل ڪئي ته بورڊ جي بهتري لاءِ تجويزون پيش ڪن. هن اعلان ڪيو ته تمام جلد سنڌ جي تاريخ، ماڳ ۽ شخصيتن تي الڳ الڳ ڪتاب انگريزيءَ ۾ شايع ڪيو ويندو. هن چيو ته انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي سهڪار سان 15 ڪتابن تي ڪم هلندڙ آهي، جن مان ڪجهه ڇپجي چڪا آهن. ان کان اڳ سنڌ جي ناليواري ليکڪ صحافي مدد علي سنڌي ڳالهائيندي چيو ته  سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميا شابس جي حقدار آهي جنهن هنن شخصيت کي ياد ڪيو آهي، هن چيو ته سيد ارشاد علي شروع ۾ قومي ڪارڪنن رهيو کيس قوميت جي سُتي پيتل هئي، جنهن ان سُتي رنگ ڏيکاريو ۽ پوري زندگي سيد ارشاد علي شاهه سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌي قوم لاءِ ڪم ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽر غلام علي الانا تخليق ڪار هو سندس تخليقون ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جهڙا ادارا قائم ڪيا، سنڌ يونيورسٽي کي ٺاهيو، پر افسوس جو سنڌ يونيورسٽي ان لاءِ ڪو ريفرنس به نه ڪوٺايو.  هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقادر جوڻيجو کي پڙهي اسان ان مان رهنمائي حاصل ڪئي. هي ذهين ۽ پريڪٽيڪل ماڻهو هو. سندس قدر شيخ اياز ڪيو، کيس ٿر مان کڻي اچي سنڌ يونيورسٽي آندو. طالب الموليٰ شروع ۾ ڪامورڪي ڄار ۾ ڦاٿل سنڌي ادبي بورڊ کي بچايو ۽ اداري کي ٺاهيو، اميد آهي ته هي ادارو اڃا وڌيڪ ترقي ڪري. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمود مغل عبدالقادر جوڻيجو جي شخصيت تي ڳالهائيندي چيو ته پاڻ يگانو ليکڪ ۽  اعليٰ شخصيت جو مالڪ هو، هن مون سوڌو سنڌ جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيا، سندس علمي ادبي خدمتون ۽ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ڪيل قلمي پورهيو وسارڻ جهڙو ناهي پاڻ ڪهاڻيون، مختصر ڪهاڻيون، ڊراما لکي سنڌي سماج جي بنيادي مسئلن جي اپٽار ڪئي سندس ٽي وي ۽ ريڊيو ڊراما مشهور رهيا جنهن تي کيس صدارتي ايوارڊ سوڌو ڪيترائي ايوارڊ مليا. ناليواري شاعر، ليکڪ ۽ صحافي نياز پنهور ڳالهائيندي چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو وبائن جي دور ۾ پنهنجي وفائن جو اظهار ڪيو آهي جو سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي محسنن کي ياد ڪيو آهي، اڄ خوشي جي ڳالهه آهي جو سنڌ جي اهم قومي ادبي ادارن جا سربراهه موجود آهن جيڪي هڪ ٻئي سان هڪ مقصد لاءِ سلهاڙيل آهن، انهن کي اڃا وڌيڪ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن سيد ارشاد علي شاهه تي پنهنجو لکيل مقالو پيش ڪندي چيو ته هڪ فرد نه پر هڪ اداري جو نالو هو جنهن پنهنجو پورو ساهه پساهه پنهنجي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪم ڪيو ۽ هن پنهنجي حصي جو ايترو ڪم ڪيو جو هو وڏو ماڻهو بڻيو، هن جو پورهيو اڻ توريو اگھائيو آهي. هن جو خواب سنڌ، سنڌي قوم ۽ نوجوانن کي خوشحال ڏسڻ هو، سنڌ جي ماڻهن جي مسئلن جي کيس پوري ريت پروڙ هئي. هن مڙس ماڻهو ٿي وقت جي جابرن سان مقابلو ڪيو ڪابه سوديبازي نه ڪئي ان سان گڏ کيس ادب جي مختلف موضوعن تي دسترس حاصل هئي. فلڪيات جو ماهر هو. مختلف ادارن جي بورڊ آف گورننس جي ميمبر طور توڙي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سربراهه طور بردباري سان ميرٽ کي اهميت ڏني سنڌ جي نوجوانن جي محنت کي ضايع ٿيڻ نه ڏنو. سندس لکيل ڪتابن ۽ مسودن کي شايع ڪرايو وڃي ڇاڪاڻ ته اهو تاريخ جو حصو آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جي اڄ جي نوجوانن جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ عالمي ادب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايو وڃي. ناليواري ليکڪ ۽ بيورو آف ڪريڪيوليم جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ادريس جتوئي ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان جن شخصيتن کي ياد ڪيو ويو آهي انهن جو نه رڳو سنڌي ادبي بورڊ سان تعلق هو پر هنن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪيو آهي، انهن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جا سنڌي ٻولي، لغت ۽ لسانيات ۾ جيڪو ڪم ڪيو اهو نه وسارڻ جهڙو آهي، ڊاڪٽر جي سڃاڻپ لسانيات جي ماهر طور هئي، هو پهريون عالم اسڪالر هو جنهن لسانيات تي پي ايڇ ڊي ڪئي. لسانيات جي صوتيات، آواز، لهجي ۽ ٻين موضوعن تي مختلف سائنسي پهلوئن سان ڪم ڪيو. ڊاڪٽر الانا 40 کان وڌيڪ ڪتابن تي ڪم ڪيو، ان ۾ درسي ڪتابن لاءِ سندس ڪم ۽ تجويزن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ سندس چواڻي ته هو  سنڌي ادبي ۽ تعليمي ادارن سان محبت ڪندو هو. پ پ اڳواڻ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر سرفراز راڄڙ آجياڻي خطاب ۾ چيو ته سنڌي ادبي بورڊ سنڌي ادب ۽ ٻولي جي جياپي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، ٻين شخصيتن سان گڏ مخدوم خاندان جون سنڌي ادب، ٻولي، سنڌي ادبي بورڊ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي اها وسارڻ جهڙي ناهي. ماضي ۾ سنڌي ادبي بورڊ سان ويساهه گهاتيون ڪيون ويون پر هاڻ بورڊ محفوظ هٿن ۾ ترقي طرف گامزن آهي، اڳتي وڌي رهيو آهي، پر بورڊ کي اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ۾ سنڌ حڪومت کي اپيل آهي ته مالي مدد ڪري ته تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ سان گڏ ۽  سون جي تعداد ۾ موجود خطوطن کي ڇپائي محفوظ ڪيو وڃي. جڏهن ته سيد ارشاد علي شاهه جي پٽ سيد شهزاد علي شاهه، نصير جوڻيجو، گلبدن جاويد مرزا، نصير مرزا، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري سيد سڪندر علي شاهه، ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نياڻي ڊاڪٽر عبدالرحيم ۽ ٻين پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقادر جوڻيجو ۽ سيد ارشاد علي شاهه جي شخصيت ۽ سندن ڪيل ادبي خدمتن تي روشني وڌي. ميڙاڪي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي بي او جي ميمبر ڊاڪٽر اسد جمال پلي، پروفيسر زيب سنڌي، ڊاڪٽر اين. اي. بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو، مخدوم هشام الدين ڀٽي، عبدالغفور، پير محمد حفيظ، ڪيپٽن ڊاڪٽر غلام حسين سچاوري، پروفيسر فهيم نوناري، زاهده ابڙو، گلشن جوڻيجو، ابرار قاضي، پير راحيل حسين، ڊاڪٽر مولا بخش ٿيٻو، مرزا قليچ بيگ چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، ديدار علي، نور ڦل، ڊاڪٽر عبدالرحمان سيال، ڊاڪٽر زبيده جوڻيجو، ڊاڪٽر مخمور بخاري، روزينه جوڻيجو، سليم چنا، پروفيسر پروين موسيٰ ميمڻ، الله بچايو ميمڻ، نجمه پنهور، نور سنڌي، ثمينه ميمڻ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، شيخ عبدالله ڪوهستاني، مولا بخش محبتي، محمد يوسف جويو، ايڇ ايم چانڊيو، نديم پنهور، ساگر الاهي بخش عالماڻي، علي مراد چانڊيو، سوڌو ٻين اديبن دانشورن صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو