ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ معصوم ٻارڙي ايمان سهتو جي ڪتن جي ڏاڙهجڻ سبب فوت ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ ضلعي انتظاميا تحرڪ نه ورتو آهي، جنهن سبب رولو ۽ ڇتن ڪتن وڌيڪ 4 ٻارڙن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو آهي. ضلعي انتظاميا پاران ڪتا مار مهم شروع نه ٿيڻ ڪري الڳ الڳ هنڌن تي چئن ٻارڙن کي ڪتن جي ڏاڙهڻ وارا واقعا پيش آيا آهن. ڳوٺ عبدالله چاوڙو ۾ نويد ولد رحمت الله بروهي ۽ محمد ولد رسول بخش چانڊيو کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، جڏهن ته شورا ڳوٺ ۾ محمد عثمان ولد غلام حسين سنجراڻي ۽ ڄامشورو ڦاٽڪ تي شعيب بليدي کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. زخمي ٻارڙن کي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي سهولتون فراهم ڪري ويڪسين لڳائي وئي.
