146

ڄامشورو ڀرسان نوجوان جو 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي سگهي، سول اسپتال منتقل

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو جي نئين ٽول پلازه ڀرسان نوجوان جو 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو آهي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري لاش سول اسپتال حيدرآباد جي مرده خاني منتقل ڪيو ويو آهي. ٽول پلازه ڀرسان  35 ورهين جي نوجوان جو لاش ڳريل حالت ۾ هٿ اچڻ واري اطلاع تي پوليس پهچي لاش سول اسپتال منتقل ڪرايو. پوليس مطابق  لاش 3 ڏينهن پراڻو آهي، جسم جي ڪجهه حصن کي ڪتن کاڌو آهي،  لاش سڃاڻپ لاءِ سول اسپتال حيدرآباد جي مرده خاني ۾ رکرايو ويو آهي. ڄامشورو پوليس موجب نوجوان کي قتل ڪري لاش هتي ڦٽو ڪرڻ واري امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي، معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون، لاش جي سڃاڻپ ٿيڻ کانپوءِ ئي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو