ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو ڦاٽڪ ڀرسان رودناڻي سينٽر مان ٻوري بند ٻارڙو بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آيو، جنهن کي ڄامشورو پوليس وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. رودناڻي شاپنگ سينٽر وٽ ٻوري بند ٻار جي اطلاع تي پوليس پهچي ٻوري ڪٽرائي 8 ورهين جي ٻار کي بيهوشي واري حالت ۾ هٿ ڪندي کيس لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو، جتي سندس سڃاڻپ ريلوي پاڙي جي رهواسي مبين ولد حبيب الله رند طور ٿي. هوش اچڻ کانپوءِ نينگر پوليس کي ٻڌايو ته ننڊ اچي رهي هئي ته ٻوري اندر سمهي رهيس. ڄامشورو پوليس پوسٽ جي انچارج اي ايس آءِ لال بخش شاهاڻي مطابق ٻارڙو بلڪل محفوظ آهي، ننڊ اچڻ ڪري ٻوري اندر سمهي رهيو هو ۽ ٻوريءَ ۾ ساهه گهٽجڻ سبب بيهوش ٿي ويو، بروقت اطلاع تي کيس اسپتال پهچائي سندس حياتي بچائي وئي آهي. اي ايس آءِ لال بخش شاهاڻي مطابق نينگر جي وارثن سان رابطو ڪري کيس وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. نينگر جي والد حبيب الله رند چيو ته پٽ اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا گهر مان نڪري چڪو آهي، هي گذريل 10 ڏينهن کان گم هو،بند ٻوري ذريعي هٿ اچڻ واري اطلاع تي ٿاڻي تي پهچي پٽ کي گهر آندو آهي.
