ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽ) منظورآباد ڀرسان ڳوٺ فقير داد کوسو وٽ امام علي کوسو ڪارنھن الزام ھيٺ پنهنجي 25 ورهين جي زال زليخان کوسو کي گولي ھڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. اطلاع تي کاڻوٺ پوليس پهچي عورت جو لاش مانجھند اسپتال مان پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته زال کي قتل ڪندڙ جوابدار واقعي واري جاءِ تان فرار ٿي ويو آهي. کاڻوٺ پوليس مطابق ڪارنهن الزام ھيٺ مسمات زليخان کوسو کي پنهنجي مڙس امام علي کوسو گولي ھڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، عورت کي 3 گوليون لڳل آهن،جوابدار واقعي واري جاءِ تان فرار ٿي ويو آهي، سندس ڳولا جاري آهي.
