154

ڄامشورو ڀرسان ڪراچي واهه ۾ پيرسن ٻڏي ويو، ڳولا جاري

ڄامشورو: (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو جي المنظر ڀرسان ڪراچي واهه ۾ 70 ورهين جو  پيرسن ٻڏي ويو آهي، جنهن جي ڳولا جاري آهي. 2 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل 70 ورهين جي حيدرآباد واسي پيرسن غلام مصطفيٰ جمالي جا ڪراچي واهه ۾ ٻڏڻ جا اطلاع آهن. پيرسن جي چپل ۽ موبائل فون ڪراچي واهه ڀرسان هٿ ڪيو ويو آهي. اهڙو اطلاع ملڻ تي پيرسن جا عزيز وڏي انگ ۾ المنظر ڀرسان ڪراچي واهه وٽ گڏ ٿي ويا ۽ پيرسن جي مقامي ٽوٻن ذريعي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي. وارثن جو چوڻ هو ته غلام مصطفيٰ جمالي 2 ڏينهن اڳ گهران نڪري رڪشا ۾ سوار ٿي المنظر تي آيو هو، اسان ڏاڍي ڳولا ڪئي پر ان جو پتو نه پيو، اڄ سندس جوتا ۽ موبائيل فون ڪراچي واهه جي ڪپ تان  هٿ آيا آهن، پاڻي جو وهڪرو تيز هجڻ ڪري سندس ڳولا ۾ پريشاني ٿي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو