ڄامشورو (رپورٽ: حاڪم چانڊيو) ڄامشورو ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، پيڊا آرڊيننس ختم ٿيڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد اچڻ سنڌي عوام جي جدوجهد جي ڪاميابي قرار ڏيندي قومپرست اتحاد کي هڪ بجاءِ ٽي نڪاتي ايجنڊا تي بحال رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي، ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڪرپشن خلاف 21 فيبروري تي سنڌ اسيمبلي آڏو جسم جي احتجاجي ڌرڻي جي حمايت ڪندي ساڳين مسئلن تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران 28 فيبروري تي سکر ۾ ڌرڻن جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه جي صدارت ۾ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو ۾ ٿيو. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ايس ٽي پي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي، جسقم جو مرڪزي ترجمان ديدار شام، پورهيت مزاحمت تحريڪ اڳواڻ مسرور شاهه، جسقم اڳواڻ اسلم خيرپوري، عوامي جمهوري پارٽي اڳواڻ نور نبي راهوجو، ايس يو پي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو ، نيشنل پارٽي سنڌ وحدت اڳواڻ طالب جکرو ، جيئي سنڌ قومي پارٽي اڳواڻ هالار رتڙ، نواز شاهه ڀاڏائي ۽ ٻيا شامل ٿيا. اجلاس کانپوءِ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي 21 فيبروري تي ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي آڏو جيئي سنڌ محاذ جي احتجاجي ڌرڻي جي حمايت ۽ 28 فيبروري تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران سکر ۾ احتجاجي مظاهري ڪري ڌرڻو هڻي جلسي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن پاران سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي بازياب ڪرائڻ ۽ سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پاڪستان ڪوٽا نه پر سنڌ ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي، ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڪرپشن خلاف 28 فيبروري تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران سکر ۾ ڌرڻو هڻي جلسو ڪيو ويندو، جڏهن ته 21 فيبروري تي ڪراچي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ميزباني هيٺ زبردست احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو جنهن ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل سموريون ڌريون ڀرپور نموني سان شرڪت ڪنديون، سندس چوڻ هو ته ڊي ايڇ اي، بحريا ٽائون ۽ ٻيا منصوبا هڪ سازش تحت سنڌ جي زمين تي قبضن لاءِ جوڙيا ويا آهن، ان ڪري سامونڊي ٻيٽن تي 12 ناٽيڪل مائيلز اندر سروي ڪرائي سنڌ حوالي ڪيو وڃي. ان موقعي تي پريس ڪانفرنس دوران عوامي تحريڪ جي صدر رسول بخش خاصخيلي جو چوڻ هو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت نه رڳو سمنڊ ۽ زمينن تي پر جبلن تي به قبضو ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت قبضن لاءِ ماحول پيدا ڪيو، آرڊيننس کان اڳ ئي سازش تحت ٻيٽن تي وفاق جو قبضو هو، ڪراچي کان پوءِ ٺٽي، بدين کان پوءِ ٿرپارڪر جي زمين جي خريداري جو عمل جاري آهي. پريس ڪانفرنس دوران اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پاڪستان ڪوٽا نه پر سنڌ ڪوٽا تي عمل ڪيو وڃي، جڏهن ته تعليمي ادارن ۾ داخلائن توڙي نوڪرين جي مد ۾ ڪوڙا ڊوميسائيل رد ڪيا وڃن، ان کانسواءِ سامونڊي ڪنارن تي قبضن بدران اتي تمر جا ٻيلا پوکي ماحول کي بهتر بڻايو وڃي.
