27

ڄامشورو ۾ سي آءِ اي پوليس جي ننڍي منشي جي ڪمري مان 37 ڪلو چرس هٿ

ڪوٽڙي (ويب ڊيسڪ) ڄامشورو ۾ سي آءِ اي پوليس جو سينٽر يا منشيات جي فيڪٽري، سينٽر جَي ننڍي منشي جَي ڪمري مان وڌيڪ 37 ڪلو چرس هٿ، ڪوٽڙي سائيٽ پوليس موجب سي آءِ اي سينٽر جي ننڍي منشي عبدالجبار سولنگي جَي ڪمري مان چرس سان ڀريل ڪٽو هٿ آيو آهي، جنهن جو وزن تقريبن 37 ڪلو گرام آهي، واقعي جو سرڪاري جي فرياد تي ننڍي منشي عبدالجبار خلاف هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪيو ويو، منشيات اسڪينڊل ۾ سي آءِ اي سينٽر ڄامشورو جا 7 اهلڪار ڪراچي پوليس جِي تحويل ۾ آهن، سينٽر انچارج سرور راهپوٽو، وڏو منشي اصغر پنهور ۽ جبار سولنگي اڃا تائين روپوش: ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران جوڙيل ڪميٽي منشيات اسڪينڊل بدران رڳو سي آءِ اي سينٽر عملدارن جي ڪارڪردگي جاچڻ جو ڪم به مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي، منشيات خلاف شهري سراپا احتجاج بڻيل آھن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو