ڄامشورو: (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو پوليس سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾ ڇهين ڪلاس جي شاگرد پاعلي عمراڻي سان مبينا بدفعلي جي الزام هيٺ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڄامشورو پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي ملازم گل ملاح سميت فيصل نوحاڻي، سجاد پنهور ۽ امين رودناڻي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته شاگرد پاعلي عمراڻي سان مبينا بدفعلي واري ماملي تي ايس ايس پي ڄامشورو محمد انور کيتران، ڊي ايس پي ايڊمن فاروق لاکير جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي ورتي آهي، جيڪا ڄاڻايل معاملي جي جاچ ڪري کيس رپورٽ پيش ڪندي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڄامشورو آدم ابڙو جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جي رهواسي ڇهين ڪلاس جي شاگرد پاعلي عمراڻي سان بدفعلي جي الزام هيٺ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، گرفتار جوابدارن جا بيان قلمبند ڪيا پيا وڃن، جلد نتيجي تي پهچنداسين. ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل مک جوابدار ساحل چنا ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل آهي، جنهن مٿان 4 ڏينهن اڳ حملو ڪري گولي هڻي کيس زخمي ڪيو ويو هو. ٻڌايو پيو وڃي ته زخمي ساحل چنا ۽ مبينا بدفعلي جو شڪار شاگرد پاعلي عمراڻي ويجها دوست ۽ پاڙيسري آهن، جيڪي ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ڪاوڙجي ويا هئا، جنهن بعد ساحل چنا تي حملو ڪري کيس گولي هڻي زخمي ڪيو ويو هو، پوليس اهڙي الزام هيٺ شاگرد پاعلي عمراڻي کي حراست ۾ ورتو، جنهن ميڊيا آڏو اهو انڪشاف ڪيو ته ساحل چنا ۽ سندس ساٿين مون کي چانهه ۾ نشو ڏئي بدفعلي جو نشانو بڻايو ۽ وڊيو ڀري مون کي بليڪ ميل ڪيو، ساحل چنا تي ڪو حملو ناهي ٿيو پر هن پاڻ پنهنجي ڄنگهه ۾ گولي هنئي آهي. واضح رهي ته ايس ايس پي ڄامشورو پاران معاملي جو نوٽيس وٺڻ کانپوءِ حراست ۾ ورتل شاگرد پاعلي عمراڻي کي آزاد ڪيو ويو هو، جڏهن ته پوليس پوسٽ انچارج اياز ٻگهيو کي معطل ڪري لائين حاضر ڪيو ويو آهي.

بھترين محنت ھي يي جاري رھني چاھيي