ڄامشورو (ن سوڀ) ڄامشورو ۾ وڌندڙ بدامني ۽ پوليس جي زيادتين خلاف دڪاندارن ۽ شهرين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڄامشورو_حيدرآباد روڊ تي ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو، شهر جي بابري مسجد وٽ احتجاجي مظاهري ۾ شهر جي دڪاندارن، سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي تنظيمن جي اڳواڻن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، دڪاندار يونين جي اڳواڻن غلام اصغر ناريجو، ظهير احمد ڪانڌڙو، سيٺ چيتن ڪمار، ڏاڏا مرتضيٰ سنجراڻي، محمد سچل چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيل احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جنهن ۾ شهر مان بدامني ختم ڪرڻ، دڪاندارن تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ، ۽ بنا ڏوهه جي دڪانن تي پوليس جي چڙهائي، دڪاندارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف نعرا لکيل هئا، جيڪي اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي دڪاندار يونين جي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ڄامشورو ۾ پوليس جي آشيرواد سان چورن شهر ۾ رڻ ٻاري ڏنو آهي، چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا عروج تي آهن جن تي ضابطو آڻڻ بدران پوليس ڪجهه ماڻهن جي ونگار وهندي دڪاندارن کي بنا ڪنهن ڏوهه جي تنگ ڪري رهي آهي، جنهن جو مثال شريف شهري ۽ دڪاندار مريد گاڏهي جي دڪان تي ڄامشورو پوليس ڌاڙيلن جيان چڙهائي ڪري دڪان تي ويٺل نوجوان محمد عثمان گاڏهي ۽ ان جي مزدورن تي تشدد ڪرڻ ۽ محمد عثمان گاڏهي کي گرفتار ڪري مٿس ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ آهي، ان کانسواءِ سندس دڪان تي پيل لکين رپين جو سامان پڻ پوليس پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي، جنهن جي اسان ڀرپور نموني سان مذمت ڪريون ٿا. هنن گُهر ڪئي ته شهر مان بدامني ختم ڪري چورن ۽ ڦورن کي گرفتار ڪيو وڃي، دڪاندارن خلاف رڻ ٻاريندڙ ڄامشورو پوليس جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
