42

ڄامشورو ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري پيرسن کي قتل ڪري ڇڏيو، پٽ زخمي

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو جي واپڊا ڪالوني ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيرسن قتل ٿي ويو آهي، جڏهن ته سندس نوجوان پٽ زخمي ٿي پيو آهي. واپڊا ڪالوني ڀرسان ڳوٺ يوسف کوسو جي رهواسين علي اصغر بروهي ۽ سندس پٽ شاهد بروهي تي موٽرسائيڪل تي سوار ٽن هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب 45 ورهين جو علي اصغر بروهي مارجي ويو، جڏهن ته سندس پٽ 18 ورهين جو شاهد بروهي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو. اطلاع تي پوليس ۽ بروهي برادري جي ماڻهن جو وڏو انگ اسپتال پهتو، زخمي جو بهتر علاج نه ٿيڻ تي بروهي برادري ۽ اسپتال عملي وچ ۾ منهن ماري پڻ ٿي. پيرسن علي اصغر بروهي جو لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ڄامشورو پوليس مطابق واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. ڄامشورو پوليس پاران واقعي جي اطلاع باوجود دير سان پهچڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي نه ڪرڻ تي جوابدار سولائي سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو