35

چونڊيل نمائندن وٽ عوام جي ترقيءَ لاءِ ڪابه پاليسي ناهي: سيد زين شاهه

نواب ولي محمد (ن سوڀ) چونڊيل نمائندا جيڪي چونڊجي آيا آهن انهن وٽ علائقي جي ترقي لاءِ ڪابه پاليسي ناهي، انهيءَ ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي اڪثر ادارا، اسپتالون ۽ اسڪول اين جي اوز جي حوالي ڪيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه اڳوڻي يوسي احمد ٻگهيو جي چيئرمين امجد رند جي امڙ جي وفات تي تعزيت دوران رند هائوس نواب ولي محمد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته نواب ولي محمد اسپتال سميت مختلف اسپتالن ۾ طبي سهولتون جو نه هجڻ، مختلف لنڪ روڊ ۽ اسڪولن جي حالت مڪمل طور خسته ٿي وڃڻ چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي جو نتيجو آهي، چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو