اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا ڪورونا وائرس کان بچاءَ ۽ ان جي روڪٿام لاءِ شين کي گهرائڻ لاءِ انهن تي ڊيوٽي ٽيڪس معاف ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي ٿيل اجلاس ۾ 14 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو، ڪابينا ڪورونا وائرس کان بچاءَ ۽ ان جي روڪٿام لاءِ شين کي گهرائڻ لاءِ لڳل ڊيوٽي ۽ ٽيڪس معاف ڪرڻ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا پاڪستان ميڊيڪل اٿارٽي جي قيام، آن لائين ويزا جي سهولت کي وڌيڪ 16 ملڪن تائين وڌائڻ ۽ وائلڊ لائيف مئنيجمينٽ بورڊ جي مقرري، نيشنل ميڊيڪل ڊينٽل بورڊ جي چيئرمين جي مقرري جي پڻ منظوري ڏني وئي.
180