12

چين جي اڳواڻيءَ ۾ 15 ملڪن جو نئون واپاري اتحاد

پروفيسر بشير سومرو  

صدر ٽرمپ کي نه صرف پنهنجي ويجهن ساٿين پر جھونن ريپبليڪنس به صلاح ڏني آهي ته هو اقتدار جي منتقليءَ ۾ دير نه ڪري ۽ پنهنجي شڪست تسليم ڪري وٺي، پر صدر ٽرمپ شڪست تسليم ڪرڻ جي بدران ھڪ طرف واشنگٽن ۾ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪرايو جنهن جون پوليس سان جھيڙو ٿي پيو ۽ مظاهرو ڪندڙن پوليس کي مڪن ۽ ڏنڊن سان مارڻ شروع ڪيو، جنهن جي رد عمل ۾ پوليس 20 کان وڌيڪ مظاهرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ھنن به مظاهرو ڪندڙن کي لٺيون وهائي ڪڍيون، پر صدر ٽرمپ ٽين دنيا جي ملڪن جي ليڊرن وانگي گاڏيءَ ۾ چڙهي مظاهرو ڪندڙن کي وڌيڪ گرمائڻ جي لاءِ انهن وٽ پھتو، صدر ٽرمپ جي ماڻهن ڏانهن وڃڻ جو اھم مقصد اهو هو ته اليڪٽورل ڪاليج جي ووٽن جي ٻيھر ڳڻپ ڪرائي وڃي ۽ ساڳي وقت تي ھن آمريڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ صدارتي اليڪشن کٽندڙ جوبائيڊن کي ھڪ پيغام ڏنو ته ھو ڪنهن به صورت ۾ اقتدار نه ڇڏيندو ۽ جيڪڏهن ھن کي زبردستي لاٿو ويو ته پوءِ ھو پنهنجي حمايتن سان گڏ ڌرڻو ھڻندو ۽ پوءِ نه صرف آمريڪا کي تبديل ڪندو پر انهيءَ سان گڏ اليڪٽورل ڪاليج کي پڻ ختم ڪندو جتي عوام جي پاپولر  ووٽ جي عزت ئي نه آهي، صدر ٽرمپ مظاهرو ڪندڙن ۽ آمريڪي عوام کي گرمي ڏيارڻ جي لاءِ ٻئي ڏينهن تي ٽوئيٽ ڪيو جنهن ۾ ھن چيو ته جوبائيڊن کٽيو آهي ڇاڪاڻ ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، هن لکيو آهي ته پولنگ اسٽيشنن تي ڪنهن ووٽ کي مانيٽر ڪندڙ ۽ مشاهدو ڪندڙ کي نه ڇڏيو ويو ۽ ھڪ پرائيويٽ ڪمپني ڊومينين جنهن جي ساک تمام  خراب آهي کي ووٽن جي ڳڻپ حوالي ڪئي وئي جنهن تي ڪوڙي ميڊيا خاموش رهي، صدر ٽرمپ جي اھڙي ٽوئيٽ ھڪ دفعو ٻيھر آمريڪي ميڊيا ۾ بحث ڇيڙي وڌو ته شايد ٽرمپ مڃي چڪو آهي ته ھو اقتدار ڇڏڻ وارو آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ شڪست تسليم ته ڪيائين پر ترڪيءَ جي ٽي آر ٽي اخبار خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ڪٿي صدر ٽرمپ  سڄي آمريڪي آئين کي تبديل نه ڪري وڃي، اھڙي ئي پس منظر ۾ سنگاپور جي اڳوڻي آمريڪي سفير ۽ نيويارڪ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊيوڊ  ايڊلمين سي اين بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته اقتدار جي منتقلي ۾ دير ٿيڻ سان نه صرف آمريڪا کي پر شايد پوري دنيا کي ڀوڳڻو پوندو، جڏهن ته آمريڪي ميڊيا جي رپوٽن مطابق جيڪڏهن صدر ٽرمپ اقتدار جي منتقلي ۾ اڃا به دير ٿو ڪري ته ان سان آمريڪا کي ڪافي نقصان رسندو، جنهن ۾ سڀ کان اھم آمريڪا جي عالمي ساک متاثر ٿيندي،

تازو ئي جوبائيڊن اقتدار جي منتقليءَ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن صدر ٽرمپ اقتدار کي لڳاتار چنبڙيل رهيو ته پوءِ آمريڪا ۾ ماڻهو مرڻ جو خطرو پيدا ٿي پوندو پر پنهنجي ايندڙ حڪومت کي ھلائڻ جي لاءِ جوبائيڊن مختلف کاتن جا تجربيڪار سيڪريٽري چونڊڻ ۾ مصروف آهي، جڏهن ته هن اڳوڻي صدر بارڪ اوباما کي پڻ ڪابينا ۾ جاءِ ڏني جنهن کي ھن ميڊيا جي مذاق ۾ ٽاري ڇڏيو پر اوباما چيو ھو جوبائيڊن جي ھر طرح جي مدد ڪندو.آمريڪا ۾ اقتدار جي منتقل نه ٿيڻ جي صورت ۾ جنهن قسم جو بحران پيدا ٿيندو تنهن کان عام آمريڪي ته واقف نه آهي پر صدر ٽرمپ جي حامين گهرو ويڙهه کي ذھن ۾ رکندي ھٿيار خريد ڪري رکيا آهن ۽ اھڙي ڳنڀير صورتحال ۾ وري مائيڪ پومپيو 10 ڏينهن جي دوري تي نڪتو، جنهن ۾ سڀ کان پھرين ھن فرانس جو دورو ڪيو، ھن دوري جي ھونئن ته وڏي اھميت ھجي ھا جو فرانس آمريڪا جو بھترين اتحادي  رهيو آهي ۽ تازو ڄڻ ته فرانس کي يورپي يونين جو اڳواڻي ڪرڻ جو موقعو پڻ مليو آهي پر لبيا ۽ آرمينيا ۾ ترڪيءَ جي حمايت حاصل ڪندڙ ويڙھاڪن کان شڪست ملڻ تي ۽ ايجين سمنڊ مان ترڪيءَ کي گيس جا ذخيرا ملڻ کان پوءِ فرانس يونان جي فوجي مدد ڪرڻ لاءِ وڏي امداد ڏني آهي پر ھن سڄي قضيي ۾ آمريڪا جي طرفان ميڪران جي مدد نه ڪرڻ تي فرانس آمريڪا کان ڪجهه ناراض آهي ۽ ٻيو ته اليڪشن ھارائڻ کان پوءِ پومپيو سان ڪو به ٺاهه يا ايگريمينٽ ٿيڻ ته ناممڪن آهي جو صدر ميڪران چيو ته فرانس جوبائيڊن سان لاڳاپا بھتر ڪرڻ جي لاءِ رستو ڳولي رهيو آهي، جنهن مان ئي سمجهي سگهجي ٿو ته پومپيو جي دوري اھميت زيرو تي بيٺي پر پومپيو جڏهن ترڪي ۾ پھتو ته عرب نيوز جي رپورٽ مطابق ھن جي استقبال جي لاءِ ڪو به اعليٰ عھديدار نه آيو ۽ نه ئي ھن سان انقره ۾ ڪنهن عھديدار ملاقات ڪئي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا ڊيپ اسٽيٽ عالمي اڳواڻن کي پومپيو کي لفٽ ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي پر پوءِ به ھو وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا جي ملڪن کان سواِءِ جارجيا جو دورو پڻ ڪندو.هوڏانهن آمريڪا ۾ اقتدار جي منتقليءَ جي بحران مان فائدو وٺندي چين ايشيا پيسفڪ جي 15 ملڪن جو اتحاد ريجنل ڪمپريھينسو اڪانامڪ پارٽنرشپ وجود ۾ آندو آهي، جنهن جي پھرين خاصيت اها آهي ته آمريڪا جي ٻن اھم اتحادي ملڪن آسٽريليا ۽ جاپان به ان ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، ٻي خاصيت اها آهي ته ھي خطو دنيا جي ڪل آباديءَ جو ٽيون حصو آهي، ٽين خاصيت اها آهي ته دنيا جو 30سيڪڙو واپار ھن خطي ۾ ٿيندو آهي، چوٿين خاصيت اها آهي ته ھن خطي ۾ ساليانو ٻه سئو ارب ڊالرن جو واپار ٿيندو. آر سي اي پي ھڪ اھڙو اتحاد ٿيندو جھڙيءَ طرح سان يورپي يونين يا نارٿ آمريڪا جو ٽريڊ زون  آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي ٽئڪس گهٽتائي ٿيندي، چين جي وزير اعظم لي ڪيڪيانگ ھن اتحاد جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته ھي اتحاد ملٽي ليٽرلزم يا گهڻ رخي آزاد واپار جي آمريڪا فرسٽ يا پروٽيڪشنسٽ واپار تي فتح آهي، سنگاپور جي وزير اعظم لي حسين لونگ چيو ته 8 سالن جي سخت محنت ۽ بحث کان پوءِ نيٺ سڀني ھن اتحاد جي ڊرافٽ تي صحيحون ڪيون، اھا ڳالهه واضع  آهي ته ھن اتحاد کان پوءِ ھن خطي ۾ آمريڪي ڪردار تمام گهٽجي ويندو، ڇو ته صدر ٽرمپ ٽرانس پيسفڪ پارٽنرشپ تان ھٿ کڻي ويو ھو، پر سوال اهو ٿو اڀري ته آمريڪا ھيڏي وڏي معاشي خطي کي ايتري آسانيءَ سان ڇڏي ڏيندو؟آر سي اي پي جو اتحاد آمريڪا کان ھضم ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، تڏهن ئي ته جوبائيڊن پنهنجي ھڪ بيان ۾ چيو ته آمريڪا کي ن وقت ضرورت آهي ته ھو پنهنجي اتحادين سان گڏجي عالمي قانونن کي وجود ۾ آڻي، چين جي وڌندڙ اثر کي نئين انداز سان ڪائونٽر ڪجي پر جوبائيڊن کان اڳ صدر ٽرمپ اھڙو ماحول پيدا ڪري ويندو جو ھن جي لاءِ آمريڪا جي صدارت ھڪ ڏکيو امتحان بڻجي پوندي، خاص طور تي ٽرمپ ايران جي نيوڪليئر پلانٽ تي حملي ڪرڻ جي لاءِ ھڪ اجلاس گهرايو آهي جنهن ۾ جيتوڻيڪ نائب صدر مائيڪ پينس، مائيڪ پومپيو ۽ پينٽاگون جي اعليٰ عملدارن کيس روڪيو پر ھو ضد ڪري بيٺو آهي ته ايران تي حملو ڪرڻو آهي، صرف اھو نه پر صدر ٽرمپ افغانستان، عراق ۽ شام مان فوجون ڪڍڻ واري ايگزيڪيوٽو آرڊر تي يا ته صحيح ڪري ڇڏي آهي يا ڪرڻ وارو آهي، پر چين جي واپار کي روڪڻ جي لاءِ آفريقا جي ملڪن خاص طور تي جبوتي، ايٿوپيا، اريٽيريا ۽ صوماليا ۾  چين جي واپار کي ڌچڪو ڏيڻ لاءِ ايٿوپيا جي علائقي ٽگري ۾ جنگ جي شروعات ٿي چڪي آهي، جتي ٽگري جا ويڙھاڪ جيڪي ڏيڍ لک کان مٿي آهن اھي حڪومت سان مھاڏو اٽڪائي رھيا آهن، ھي ھڪ اھڙو خطو آهي، جنهن جون سرحدون جبوتي، ايريٽيريا ۽ سوڊان سان ملي رھيون آهن ۽ ھي خطو فوجي ۽ واپاري لحاظ کان تمام گهڻي اھميت وارو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو