100

چين جي تيار ڪيل ڪورونا وائرس ويڪسين 3 سالن تائين جي ٻارڙي لاءِ پڻ قابل استعمال

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي تيار ڪيل ڪورونا وائرس ويڪسين 3 سالن تائين جي ٻارڙي لاءِ پڻ استعمال جوڳو قرار ڏنو ويو آهي. چيني خابرو اداري مطابق طبي رسالي ”دي لانسيٽ انفيڪشنز ڊيزيز“ ۾ شايع ٿيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا ويڪسين سائنو فارم جي پهرين ۽ ٻئي مرحلي جي ڪلينيڪل ٽرائل جا نتيجا سامهون اچڻ مان معلوم ٿيو آهي ته سائنو فارم ڪورونا ويڪسين 3 سالن جي ٻارڙي تائين لاءِ محفوظ آهي. رپورٽ ۾ چيو  ويو آهي ته ڪورونا ويڪسين ٻارڙن ۾ ٺوس مدافعتي رد عمل ۽ بالغ ماڻهن جيترو وائرس کي ناڪارا بڻائيندڙ اينٽي باڊيز بڻائي ٿي. واضح رهي ته ان کان اڳ ڪورونا ويڪسين سائنو فارم 3 کان 17 سالن جي عمر جي رضاڪارن ۾ محفوظ ثابت ٿي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو