40

چين جي سرمائيداري کان ڪميونزم ڏانهن واپسي

ليکڪ: طفيل مگسي

مارڪس جي مطابق ڪميونزم جو پهريون ڏاڪو سوشلزم آھي، هن مطابق ڏھن يا ڪجهھ وڌيڪ سالن جو اهڙو عرصو هوندو آھي ته جنهن ۾ پرولتاريا جي آمريت قائم ٿيندي آھي.جيڪا ڪميونزم جي لاءِ ماحول تيار ڪندي آھي، بعد ۾ اها ماحول کي سازگار ڪندي پراڻن قانونن کي ختم ڪري نئون سوشل ڪنٽريڪٽ ٺاھڻ، ڪميون جون چونڊيل حڪومتون قائم ڪرڻ، ڪميون جي ڪميونٽي رڌڻو قائم ڪرڻ، اسڪول سسٽم قائم ڪرڻ، ڪميون جي لاءِ ننڍڙيون فيڪٽريون قائم ڪرڻ، ڪم جا موقعا ميسر ڪرڻ، ڪميونٽي پوليس يارضاڪار ترتيب ڏيڻ ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا بنيادي ڪم هوندا آھن.جيڪي سوشلسٽ آمريت انجام ڏيئي ٿي.جڏھن سڄي ملڪ ۾ ڪميون فنڪشنل يا آپريٽنگ موڊ ۾ اچي وڃن ٿا ته ڪميونسٽ حڪومت قائم ڪئي وڃي ٿي.جيڪا پنهنجي مڪينزم ۾ جهموري حڪومت هوندي آھي.مرڪزي چيئرمين کي ڪميون حڪومتون چونڊن ٿيون۽ چيئرمين کي پريميئر جون ذميواريون مرڪزي باڊي مهيا ڪري ٿي، جيڪا باڊي کيس هٽائي به سگهي ٿي ۽ سندس حڪومت جي عرصي کي وڌائي به سگهي ٿي، ڪميونزم ۾ ھر شخص کي ضرورت جي مطابق اجورو ملي ٿو.بيشڪ ممڪن آھي ته هڪ ڊاڪٽر هڪ مل مزدور کان گهٽ ڪمائي ۽ بيشڪ ممڪن آھي ته هڪ ڊاڪٽر پريميئر کان سٺي ۽ بهتر زندگي گذاري، ضرورت خاندان جي بنياد تي پوري ڪئي وڃي ٿي. مثال طور تي هڪ مل مزدور جا چار ٻار، ٻه پوڙھا ماءُ پيءُ، ھڪ زال ۽ هڪ ڀيڻ آھي ته هن کي انهيءَ اسڪيل سان سهولتون ميسر ٿينديون.ان ريت ممڪن آھي ته هڪ سنگل ڊاڪٽر انهن سهولتن جو حقدار نه سمجهيو وڃي، ڪميونزم ڇوته نفعي جي شرح کي ناجائز سمجهي ٿو.ان لاءِ ڪارندن يا مزدورن کان ضرورت جي مطابق ڪم وٺي ٿو.ان هوندي به چين انهيءِ کي ٿورو تبديل ڪري نفعي سان ڳنڍيو آھي.جنهن کي ماڻھو ڪيپيٽل ازم جو نالو ڏين ٿا.

فرض ڪريو چين جيڪڏھن واقعي ڪيپيٽل ازم کي اختيار ڪري ورتو هو ته اڄ دنيا سرپلس جي جنهن ڪن ۾ڦاٿي پئي آھي.اهو ثابت ڪري ٿو ته نفعي واري شرح جو دور پڇاڙي ۾ بنا چرپر وارو بڻجي ماٺار جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ۽ جيڪو ڪمايل هوندو آھي.ان کان هزار ڀيرا وڌيڪ خرچ ڪري به ماٺار نٿي ٽٽي.ليڪن ڪيپيٽل ازم جو سمورو ڪروفر ٽٽي وکري وڃي ٿو.سرپلس جي ذريعي نفعي جي شرح جي اصل ۾ ضرورت ئي ناهي هوندي.ضرورت ته انساني ضرورتن کي ڍنگ سان پوري ڪرڻ جي هوندي آھي، اهوئي قدرتي نظام آھي.توهان کي انگ ڍڪڻ جي لاءِ ڪپڙن جي ضرورت آھي.ليڪن گوچي يا ارماني جي ڊيزائن جي نه اها لگزري آھي.جنهن جي انساني ضرورتن ۾ گنجائش ناهي هوندي. ان ريت طبقا پيدا ٿين ٿا.طبقن جي ڪري غير برابري وارو نظام پرورش ڪري ٿو، جڏھن برابري قائم ٿيندي ته ڪٿي ڪو استحصال ڪرڻ جو نه سوچيندو، پر استحصال جي گنجائش ئي نه رهندي، ڪورونا دوران چين پنهنجي خرابين کي ڊيپلي ايڊريس ڪيو ۽ فيصلو ڪيو ته مڪمل ڪميونزم لاڳو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي؛ چين مارچ 2022ع ۾ مڪمل ڪميونزم لاڳو ڪري ڇڏيندو.ان ريت روس کانپوءِ دنيا ۾ پرولتاريا جي ٻي رياست قائم ٿيندي.جيڪو عظيم چين هوندو.جنهن سان يوني پولر جو خاتمو ٿي ويندو.سامراجيت جو زهر ضايع ٿي ويندو.ڪارپوريٽ ورلڊ جو خاتمو ٿي ويندو.جنهن انسانن کي نپوڙي ڇڏيو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو