اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين مان ڪورونا ويڪسين کڻي پاڪ فضائيا جو خاص جهاز اسلام آباد پهچي ويو آهي. ايئرفورس جو خاص جهاز آءِ ايل 78 چين مان ڪورونا ويڪسين جون 5 لک خوراڪون کڻي اسلام آباد پهتو، خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان ايئرپورٽ تي ويڪسين وصول ڪئي، ويڪسين چيني وزيراعظم پاران عطيو ڪئي وئي، جيڪا اسپتالن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي لڳائي ويندي.
