14

ڇا افغانستان پرامن ٿيندو…؟؟؟

ليکڪ:  منظور حسين لاڙڪ

موجوده عالمي علائقائي صورتحال تي نظر وجهون ٿا ته پاڪستان جهڙي طرح هڪ اهم موڙ تي اچي بيٺو آهي، هاڻي پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت کي گڏجي اهم فيصلا ڪرڻا پوندا، تقريبن 20 سالن تائين اسان آمريڪا جي جنگ وڙهي رهيا هئاسين، جڏهن چين پاڪستان ۾ پنهنجي دلچسپي ڏيکاري ۽ سي پيڪ کڻي آيو ته آمريڪا جو  ”ڊو مور“ چوڻ سان گڏ معاشي طور ڪمزور ٿيڻ ڪري پاڪستان جي عالمي پاليسي تبديل ڪرڻ سبب چين جيڪو پهريون ئي پاڪستان جو ڀائرن جهڙو پاڙيسري ملڪ آهي، پاڪستان سان اهو رشتو مضبوط ٿيو ۽ نتيجي ۾ پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت فيصلو ڪيو ته موجوده صورتحال ۾ پاڪستان لاءِ آمريڪا نه پر چين ئي بهتر رهندو ۽ نتيجي ۾ آمريڪا جي سمجهھ ۾ ڳالهھ اچي وئي ته پاڪستان کي وڌيڪ ”ڊو مور“ نٿو چئي سگهجي، عام ماڻهو شايد موجوده وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا کي ”صاف جواب“ ڏيڻ بابت اهو سمجهي رهيو آهي ته محترم وزيراعظم ڪو تمام وڏو دليراڻو قدم کنيو آهي پر اها ڳالهھ اسان جهڙي ماڻهوءَ کي سمجهھ ۾ اچڻ جهڙي آهي ته ”چڙهندي سج جو هر ڪو پوڄاري“ هوندو آهي، چين دنيا ۾ معاشي ۽ اقتصادي طور تي ”سپر پاور“ ٿي چڪو آهي نه رڳو ايترو پر پاڙيسري ۽ دوست هجڻ جي ناتي چين سي پيڪ جهڙي تمام وڏي منصوبي کي پاڪستان جي ڀروسي تي شروع ڪيو آهي،آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراھه جنرل حميد گل جي انٽرويو جا اهي تاريخي لفظ سوشل ميڊيا تي عام جام هلي به رهيا آهن ۽ ٻڌي به رهيا آهيون ته پاڪستان آمريڪا جي مدد سان افغانستان ۾ روس کي شڪست ڏني ۽ تاريخ ۾ اهو به لکيو ويندو ته پاڪستان چين جي مدد سان آمريڪا کي افغانستان ۾ شڪست ڏني، سياسي ۽ بين الاقوامي معاملن تي نظر رکندڙ ڪجهھ تجزيي نگارن ۽ دانشورن جو اهو به چوڻ آهي ته آمريڪا پاران ڄاڻي واڻي افغانستان کي بنا ڪنهن مزاحمت جي افغان طالبان حوالي ڪرڻ جو اهو به مقصد ٿي سگهي ٿو ته متان هن چين جي تمام وڏي اقتصادي، معاشي منصوبي ”هڪ بيلٽ هڪ روڊ“ کي تباھه ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هجي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهھ سمجھ ۾ گهٽ اچي رهي آهي ته 20 سال نيٽو فوج افغانستان ۾ طالبان خلاف جنگ ڪئي، جديد هٿيارن کان وٺي جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ۽ پوءِ اوچتو ساڳي فوج افغانستان مان نڪرڻ شروع ڪيو ۽ طالبان ”اٽي مان وار“ ڪڍڻ جيان اندازن کان پھريان ئي ڪابل فتح ڪيو ۽ آمريڪا جي فوج جيڪا افغانستان ۾ موجود به هئي ته ان افغان فوج جي مدد نه ڪئي، ۽ نه ئي افغان فوج ڪو جوش ڏيکاريو ۽ اشرف غني ملڪ مان فرار ٿي ويو ۽ اشرف غني حڪومت جو خاتمو هڪ ڊرامائي انداز ۾ ٿي ويو. تازو ئي ڪابل ايئرپورٽ تي آپگهاتي حملو ٿيو، جنهن ۾ آمريڪا جي 13 فوجين سميت 170 ماڻهن جو قتل عام ٿيو، جنهن حملي جي ذميواري داعش قبول به ڪئي پر لڳي ائين پيو  ته جيئن نيو يارڪ ۾ ٽوئن ٽاور تي جهازن جو حملو ڪري ان جو الزام اساما بن لادن تي هڻي آمريڪا هڪ طرف مسلمانن کي دنيا ۾ ڪمزور ڪيو ته ٻئي طرف مسلمان مخالف قوتن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو، پنهنجو اسلحو مارڪيٽ ۾ آڻي واپار ڪيو ۽ سرمايو ڪمايو، اهڙي طرح ڪابل ۾ ٿيندڙ خودڪش حملو به ان ڊرامي جو ٽيلر لڳي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته داعش خراسان اصل ۾ داعش جي عالمي نيٽ ورڪ جو حصو آهي، آمريڪا ڀلي کڻي دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي ته آمريڪا طالبان، داعش، بوڪو حرام ۽ القاعده جهڙين تنظيمن جي خلاف نه آهي پر شام ۾ داعش کي آمريڪا جي حمايت آمريڪا جي ساک کي وائکو ڪري رهي آهي.آمريڪا مخالف ملڪ جن ۾ چين، روس، ايران سميت پاڪستان جي اها خواهش آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن هجي ۽ جيترو ممڪن ٿي سگهي ڪابل تي آمريڪا جو اثر رسوخ ختم ڪجي پر ممڪن آهي ته آمريڪا جنهن جو چين نه صرف دشمن آهي پر دنيا جو سپر پاور هجڻ جو تاج به ڄڻ چين جي تمام ويجھو آهي، اهو آمريڪا کان جلد هضم ڪونه ٿيندو، انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته پُرامن افغانستان پُرامن پاڪستان لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي يا چين، روس ۽ ايران لاءِ افغانستان جو پُرامن رهڻ ۽ مستحڪم افغانستان ضروري آهي پر آمريڪا پنهنجين چالبازين، سازشن ۽ منصوبابندي سان افغانستان ۾ امن ۽ افغانستان کي مستحڪم ٿيڻ ڏيندو؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي.ڪابل ايئرپورٽ تي آپگهاتي بم حملو، داعش جي ذميواري قبول ڪرڻ ۽ آمريڪا طرفان افغانستان مان فوجون ڪڍڻ، 20 سالن تائين بلين ٽرلين ڊالر خرچ ڪري پنهنجا فوجي مارائڻ، اهي اهڙا سوال آهن جن جو جواب ايندڙ وقت ڏيندو، جيڪي طاقتون افغانستان سميت هن علائقي ۾ امن جا خواهشمند آهن، انهن کي اهو اندازو ٿي ويو آهي ته افغانستان ۾ ڪا نئين راند کيڏڻ جي تياري ٿي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو