ليکڪ: رياض ابڙو
دنيا ۾ ميڊيا جي آزادي، سوشل ميڊيا تي ڊيٽا ۽ ڄاڻ جي آسانيءَ سان ملي وڃڻ، بحث مباحثن ۽ جديد دور جي هوندي هاڻ پراسڪي وارز، ملڪن ۾ گهرو ويڙهه ڪرائيندڙ لڪل هٿن سميت دنيا ۾ ڪا به شيءِ ڳجهي ناهي رهي، ائين ناهي ته هاڻي ماڻهن کي ويٺو سمجهائجي ته طالبان جنت جون ٽڪيٽون مفت ۾ ورهائيندا، نه ڪو اهو لڪائي سگهجي ٿو ته طالبان ڪهڙيون ڪهڙيون حرڪتون ڪن ٿا ۽ انهن جا پيرا ڪيڏي ٿا وڃن، اهو به پراڻو راڳ آهي ته طالبان کي اقتدار ملندو ته سڌري ويندا، اهو ائين آهي جيئن گهر جي ڏنگي ٻار کي سڀ ويٺا سمجهائيندا آهن ۽ روز روز نيون نيون فلاسافيون کڻي ان جي آڏو حاضر ٿيندا آهن ته من چوڻ وٺي، سڌري پئي ۽ اسان جي ڳالھه سمجهي، يا اها فنامنا به سمجھڻ جهڙي آ ته ڏنگي ٻار کان سڀ ڊڄندا به آهن ته متان ڪو نقصان نه ڪري وجهي، ساڳي ڳالهھ طالبان سان به وابسطا ڪري سگهجي ٿي، وري اسان واري خان جي ڳالھه به عجيب آهي مطلب ”وڻي نه وڻي گرھ کڻي“ هاڻ هي صاحب طالبان کي سمجهائيندو ته طالبان اقتدار ۾ انهن طالبان مخالف گروهن ۽ قومن کي به حصو پتي ڏين جنهن ۾ ازبڪ، هزارا، قازڪ، تاجڪ، ترڪ ۽ ٻيون قومون ۽ گروھ آهن، جنهن سان افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي ايندي، پر اها ڳالهھ جي ائين به هئي ته اشرف غنيءَ جي سرڪار ۾ ڀلا اهي باغي طالبان گروھ هڪ اڌ وزارت وٺي ويهن ها، جي انهن جي ارادن ۽ نيتن ۾ ائين به هو ته ڪري ڇڏين هان ۽ افغانستان ۾ امن بحال ٿي وڃي ها، هاڻي جڏهن طالبان جو قبضو ٿي ويو آهي ته پوءِ اهي اهڙي شراڪتداري ڪيئن چاهيندا ته هي ڪنهن به مخالف ڌر کي ڊالرن کائڻ جي صلاح ڪن ۽ اهي طالبان مخالف ڌڙا هنن سان گڏ حڪومت ۾ ويهي رهن، ڇو ته طالبان جي امن سان رهڻ ۾ سڀني ملڪن ۽ قومن جو فائدو آهي جيڪو بين الاقوامي سطح تي لاڳيتو راڳ به ڳايو پيو وڃي ته اهي طالبان سڀاڻي انهن ملڪن سان واپار ڪن، صنعتون هڻن، ايڪسپورٽس ۽ امپورٽس به وڌائي سگهن، پر اهو ديواني جو خواب آهي جيڪو پورو ناهي ٿيڻو، گڏوگڏ چين جي ڪوششن جي تعريف ڪجي جو سواءِ افغان رياست جي ٻئي جيڪي به بالٽڪ رياستون آهن اهي روسي ۽ چيني چنبي ۾ آهن، ان ڪري دوشنبي (تاجڪستان) ۾ شنگهائي سمٽ ڪانفرسن به معنيٰ ٿي رکي، جنهن ۾ تاجڪستان جي صدر اموم علي رحمون (امام علي رحمان) جو اهو چوڻ به بجا آهي ته طالبان هاڻي سڀني گروهن کي گڏ کڻي هلن پر ائين ٿيندو نه ڇو ته جي اهي طالبان مهڙ کان ئي امن جا خواهشمند هجن ها ته ائين نه ڪن ها پر هنن پختون گروهن کي پنهنجي پارلياماني گروپن ۾ ڪو اقليتي گروھ کپي ۽ نه ڪا عورت اڳواڻ، ان ڪري ته انهن کي پوءِ اهڙي طرح پنهنجي سرڪار هلائڻي به آهي، جنهن ۾ ڪو به غير طالبان ۽ آمريڪي ناپسنديده گروھ شامل نه هجي، ڪو به غير افغان ۽ پختون نه هجي جيڪو هنن جي ڪم ۾ رخنو وجهي، ان چيني ڪانفرنس ۾ شامل روسي، چيني ۽ افغانستان جي سڀني پاڙيسري ملڪن به اهڙيون ئي ڳالهيون ڪيون، ان ڪانفرنس ۾ ولادمير پيوٽن پنهنجي تقرير ۾ اهو به چيو ته هاڻي طالبان جي قبضي کانپوءِ افغانستان جي سڄي ذميواري طالبان جي حوالي آهي ته اهي هاڻي هي ملڪ کي ڪيئن ٿا هلائن، ڇو ته ملڪ کي معاشي ڏيوالي جو خطرو پنهنجي جاءِ تي، ملڪ ۾ عورتن جي حقن کان وٺي، تعليم، صنتعن، فيڪٽرين، روزگار، ايڪسپورٽ، امپورٽ ۽ ملڪ جي سيڪيورٽي جي صورتحال ڳنڀير ضرور آهي، جنهن ۾ هنن کي هر دم اهو کٽڪو رهندو ته اهي ٻين گروهن سان امن سان رهندا يا انهن سان جنگ ۽ ويڙھ ڪندا رهندا، ڇو ته هنن جي هٿن مان بندوقون ڪرن ئي نه ٿيون، اهي هٿيار ڦٽا ئي نه ٿا ڪن، انهن وٽ اها ڳالهھ ناهي جهڙي دنيا جي ٻين سياسي پارٽين ۾ هوندي آهي، پوءِ اهڙي صورتحال ۾ پيوٽن (روسي صدر) چئي يا زي جنگپنگ (چيني صدر) چئي يا کڻي تاجڪستان جو صدر چئي، ٿيندو ڪجهھ نه ۽ طالبان ڪندا اهو جيڪو انهن کي حڪم ملندو، معنيٰ جي امن جون ڳالهيون ڪرڻيون هجن ته پوءِ طالبان ڇو؟ اشرف غني ڇو نه، ڪميونسٽ ڌڙا ڇو نه، اهي سڀ طالبان مخالف ڌڙا ڇو نه، پوءِ جي طالبان امن پسند ٿي ويا ته انهن جو مشن ناڪام ٿي ويندو ۽ جيڪو طالبان چاهيندا نه، پر اها فلاسافي به سمجهڻ جھڙي آ ته طالبان سان اهڙيون ماڊرن رياست جون ڳالهيون، بهترين حڪومت ۽ امن پسندي جون صلاحون، ترقي پسند حڪومتن جي سيٽ اپ جي ڳالھيون ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي، ڇو ته اهي ڪڏهن به نه ڪندا، پر طالبان جي اهڙي ڊِٺَ جي پويان افغان رياست جي تباهي هوندي جو جيڪڏهن هنن اهڙو ضد برقرار رکيو ته هلندڙ سال پاڙيسري ملڪ هنن سان معاشي ۽ واپاري ناتا ٽوڙي ڇڏيندا، ڪو به ملڪ پوءِ اهڙي حڪومت سان رابطا بحال نه ڪندو جن وٽ نه ايڪسپورٽ هوندي نه ئي ڪا امپورٽ ڪري سگهندا، ۽ جي ائين ئي رهيو ته افغانستان ۾ غربت 90 سيڪڙو کان به وڌي ويندي، پر وري حيرت اها به آهي ته ان ڳالهھ جو سڄو بار ۽ ذميواري اسان جي مٿان ئي آهي ته هر ڳالھه ۾ اسان کي طالبان جو ساٿ ڏيڻو آهي، پهرين آمريڪا جڏهن هنن کي ڪجهھ به نه چيو يا انهن اڏن گهرڻ جي ڳالهھ نه ڪئي جو انهن جي جنگي اسٽريٽجي ٻي هئي پر اسان وارو همراهه وري به طالبان جو پاسو ٿي بيٺو پر ٿيو اهو جيڪو سي آءِ اي کي سمجهھ ۾ آيو، توڙي جو دوها ۽ تهران جي ڳالهين جا ڊراما به ڪندا رهيا ته جيئن دنيا ڏسي ته طالبان ڪيڏا نه طاقتور آهن ۽ انهن سان واقعي ڪا طاقت گڏ آهي، جنهن جي ڪري اهي ڪنهن جي به نه ٿا مڃن، جيتوڻيڪ اها ڳالهھ پڌري پٽ پئي آهي ته جنهن ملڪ ۾ غربت 90 سيڪڙو کان به وڌيڪ هجي، جنهن ملڪ ۾ غربت، بيروزگاري، اڻهوند، کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ، دوائن ۽ طبي امداد جي کوٽ، نه ڪا ايڪسپورٽ، نه ڪا خاطرخواھ امپورٽ، نه ڪا جي ڊي پي، وري عام ماڻهن جي حالت اها جو 8 لک باغي ۽ غريب ماڻهو بارڊرن تي ڀڄي نڪتا هجن جو اتي يو اين او جو امدادي عملو، بين الاقوامي مدد، ۽ ٻين ملڪن جي آسري هجن ۽ ان آسري هجن ته رڳو سرحد کلي ته وٺي ڀڄن، پوءِ اهو ملڪ وري آمريڪا کي للڪاريندو، ڳالھه سمجهھ کان مٿي آهي ته اسان ڀلا اهڙيون ڊاڙون انهن مذهبي گروهن جون ڇو ٻڌون جن ۾ ڪا صداقت ۽ سچائي ناهي، ان ڪري هاڻي به اهي طالبان رڳو سي آءِ اي جي اشاري جا منتظر آهن ته جيئن ئي کين حڪم ملندو تيئن ڪندا ويندا ۽ ٻين جي نه ٻڌندا.