51

ڇا فلم ”پي ڪي“ جي سيڪوئل ۾ رنبير ڪپور عامر خان جي جاءِ والاري سگهندو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اسان سڀني کي اهو ضرور ياد هوندو ته اداڪار عامر خان جي سپرهٽ فلم ”پي ڪي“ جي آخر ۾ اداڪار رنبير ڪپور مختصر ڪردار ادا ڪندي نظر آيو هو. رپورٽن مطابق هاڻي سپرهٽ فلم ”پي ڪي“ جي سيڪوئل ۾ اداڪار رنبير ڪپور ڪهاڻي کي اڳيان وڌائيندي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو. فلم ”پي ڪي“ جي پروڊيوسر وڌو ونود چوپڙا جو چوڻ آهي ته هو سٺي وقت ۾ فلم پي ڪي جو سيڪوئل ٺاهيندو، فلم جي آخر ۾ رنبير ڪپور جو مختصر ڪردار ڏيکاريو هو ۽ هاڻي رنبير ڪپور ئي فلم جي ڪهاڻي کي اڳيان وڌائيندو. هن چيو ته اڀيجيت جوشي هن وقت تائين فلم جي ڪهاڻي ناهي لکي ۽ جڏهن هو ڪهاڻي لکندو تڏهن ئي فلم جو سيڪوئل ٺاهيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو