16

ڇا چين افغانستان لاءِ ڪردار ادا ڪندو…؟

ليکڪ: جان سمپسن

تاريخي طور تي پرڏيهي حملي آورن لاءِ دره خيبر (خيبر پاس) دنيا جي مشهور گذرگاهن مان هڪ رهي آهي، ناهموار، خطرن سان ڀريل ۽ فريب سان ڀرپور هي رستو افغانستان جي سرحد کان پاڪستان جي شهر پشاور جي وچ تائين پکڙيل آهي، 3 هزار سالن تائين مختلف فوجن ان جي پٿريلي رستن ۾ جدوجهد ڪئي ۽ ان جي وادين ۾ پنهنجا ديرا اڏيا، اوهان هاڻ به هتي برطانوي ۽ برٽش هندستاني فوجن جي رجمينٽن جي موجودگي جا نشان ڏسي سگهو ٿا، جيڪي روڊ جي ڪنارن ۾ احتياط سان محفوظ ڪيا ويا آهن، هن رستي جي چئني طرفن موجود پهاڙن تي رائيفلن وارا پشتون قبائلي حيرت انگيز درستگي سان هتان گذرندڙ سپاهين کي نشانو بڻائيندا هئا،  هاڻ هتي افغانستان جي زرعي پيداوار سان ڀريل ٽرڪون مشڪل رستن تان گذرندي نظر اچن ٿيون، جن تي ڪڏهن ڪڏهن مرد حضرات ۽ نوجوان ڇوڪرا سواري لاءِ لٽڪي رهيا هوندا آهن، روڊ جي ڪناري موجود رستن تي پنهنجي ڪئميرائن تي اسمگل ٿيل سامان کڻندڙ پوڙها به نظر اچن ٿا، جن جون چيلهون بار جي ڪري انتهائي وڌيڪ جهڪيل هونديون آهن، خيبر پاس افغانستان جي پاڪستان سان مصروف ترين سرحدي گذرگاهه طورخم تي ختم ٿئي ٿو، ڪئين سال اڳ پاڪستاني عملدارن ظاهري نقشو تبديل ڪري ڇڏيو هو، هاڻ هتي انتظار ڪندڙ هجوم ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منظم نظر اچي ٿو پر هتي جي ماحول ۾ خوف ۽ تڪڙ جو عنصر نمايان آهي، ڇو ته ماڻهو افغانستان جي نون حڪمرانن يعني طالبان کان فرار چاهين ٿا، اوهان پاڪستان جي حدن ۾ بيهي ڏسي سگهو ٿا ته سرحد جي هن پار افغان علائقي ۾ هي ماڻهو سرحد تي لڳل تارن وٽ تيز اس ۾ بيٺل آهن ۽ اهي پنهنجا سفري دستاويز لوڏيندا عملدارن کي سرحد پار ڪري پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ منٿون ڪن ٿا، صرف طبي بنيادن تي افغان ڇڏيندڙن کي هتان داخل ٿيڻ جي اجازت آهي ۽ اهي پنهنجي ڪٽنب سان گڏ سرحد ٽپي سگهن ٿا. ويل چيئرز ۽ سوٽ ڪيسن سان ڀريل ڊگهي قطار مختلف چوڪين تان آهستي آهستي اڳتي وڌي ٿي، اهو روڊ جتان کان سرحد جي ذميواري سنڀالي وڃي ٿي اتي ڪجهه پاڪستاني فوجي ۽ عارضي وردي پاتل طالبان محافظ هڪٻئي جي آمهون سامهون بيٺل آهن، طالبان کي مون سان ڳالهائڻ تي ڪو به اعتراض نه هو، مون انهن مان هڪ جنهن جي گهاٽي ڏاڙهي هئي ۽ هن پنهنجو منهن ڍڪي رکيو هو، کان پڇيو ته سائي ۽ ڳاڙهن تي ٻڌل افغانستان جو قومي جهنڊو سرحد تي ڇو نظر نٿو اچي ۽ اهو ته هاڻ اتي طالبان اڇو جهنڊو ڇو هڻي ڇڏيو آهي ته سرحد تي موجود محافظ فخر واري انداز ۾ جواب ڏنو ته اسان جو ملڪ هاڻ اسلامي خلافت آهي ۽ سڄي ملڪ لاءِ اهو صحيح جهنڊو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڇڪتاڻ وارا لمحا به ڏسڻ لاءِ ملن ٿا پر گهڻو ڪري ته پاڪستاني ۽ طالبان سرحدي محافظ بنا ڪنهن دشمني جي ڪم ڪن ٿا، جيتوڻيڪ اهو نٿو چئي سگهجي ته انهن جي وچ ۾ ڀائپي وارا لاڳاپا آهن، ڪيترائي افغان شهري افغانستان ۾ طالبان جي ڪاميابي جا الزام پاڪستان تي هڻن ٿا ۽ هو ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته پاڪستان انهن ويڙهاڪن جو بنياد رکيو ۽ انهن کي وڌايو، حقيقت ۾ عمران خان 2018ع ۾ پاڪستان جو وزيراعظم ٿيڻ بعد طالبان جا پاڪستان سان لاڳاپا گهڻا ويجها ناهن رهيا ۽ طالبان تي ان جو اثر ۽ رسوخ نمايان طور تي گهٽ به رهيو آهي، دنيا جي اڪثر حڪومتن لاءِ هن وقت طالبان سان لاڳاپا واضح طور تي شرم جو سبب آهن، ان انتهاپسند گروپ جا سعودي عرب ۽ ڪجهه خليجي رياستن سان رابطا آهن ته صحيح پر ايترا ويجها نه، اهو ملڪ جنهن جو طالبان سان سڀ کان وڌيڪ ويجهو لاڳاپو آهي اهو چين آهي ۽ چين ان بابت ٿورڙي به شرمندگي ظاهر ناهي ڪري رهيو، ڪيترائي عام افغان شهري پنهنجي ملڪ مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ملڪ جي معيشت تباهي جو شڪار نظر اچي ٿي، جيئن 1996ع کان 2001ع ۾ طالبان جي پهرئين اقتداري دور ۾ ٿيو هو، ان ڪري افغانستان کي اڳتي وڌڻ لاءِ چين جي اقتصادي مدد جي ضرورت پوندي ۽ اهڙي طرح بيجنگ جو طالبان جي پاليسي تي وڏي حد تائين ڪنٽرول ملندو. اسان اهو به يقين ڪري سگهون ٿا ته طالبان چين کي انهن جي مسلمان اويغور آبادي سان سلوڪ جهڙن مسئلن تي چئلينه نه ڪندو، طالبان جو اقتدار تي قبضو آمريڪا، برطانيا، جرمني، فرانس ۽ ٻين اهڙن ملڪن لاءِ تباهه ڪندڙ رهيو آهي جن گذريل 20 سالن ۾ افغانستان جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڪئي. ان انڊيا جي افغانستان بابت پاليسي کي روڪي ڇڏيو آهي، انڊيا وڏي رقم ۽ مهارت افغانستان ۾ لڳائي هئي ۽ حامد ڪرزئي ۽ اشرف غني جي حڪومتن تي انڊيا جو سٺو اثر هو، پر هاڻ اهو سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو آهي. طالبان کي پنهنجي گذريل حڪومتي دور ۾ عالمي سطح تي اڇوت سمجهيو ويندو هو، 2001ع تائين ملڪي معيشت جو حال ايترو خراب هو جو ٻارڻ خريدڻ لاءِ به پئسا نه هئا ۽ رهيل گاڏين کي به روڊن تان هٽايو ويو هو، اڪثر ماڻهو جنريٽر وٺڻ جي طاقت نه رکندا هئا ۽ لوڊشيڊنگ معمول جي ڳالهه هئي، رات جو گهٽين ۾ اوندهه ۽ خاموشي هوندي هئي ۽ ڏينهن جو ماڻهو طالبان جي خوف سبب پنهنجن گهرن ۾ ئي رهڻ کي ترجيح ڏيندا هئا، هاڻ فرق چين آهي، جيڪڏهن بيجنگ فيصلو ڪري ٿو ته ان کي افغانستان سان ڪافي معاشي ۽ سياسي فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو ته اهي طالبان کي ماضي جهڙين حالتن ۾ وڃڻ کان روڪي سگهن ٿا. جيڪڏهن نه ته پوءِ طالبان ٻيهر اڪيلا رهجي ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو