ليکڪ: پيار علي چانڊيو
اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جي شروع ڪيل جلسن وارو مرحلو لاھور واري جلسي کانپوءِ مڪمل ٿي ويو آهي، ان ئي جلسي ۾ تحريڪ جي ٻئي مرحلي طور اسلام آباد ڏانھن لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ملڪي سياسي صورتحال ڳنڀير ٿيندي پئي وڃي، 13 ڊسمبر مينار پاڪستان واري جلسي ۾ مخالف ڌر جي موقف ۾ مضبوط تبديلي ڏٺي وئي، جنھن ۾ عمران سرڪار جو گھيرو تنگ ڪرڻ لاءِ (ن) ليگ، پ پ ۽ جي يو آءِ جي مرڪزي قيادت جي اڳواڻن ۾ ڪجهه وڌيڪ سختي اچي وئي آهي، پي ٽي آءِ سرڪار لاھور واري جلسي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ شيخ رشيد کي گھرو وزير بڻائڻ ۽ مينار پاڪستان جي ميدان کي پاڻي سان ٻوڙڻ وارا حربا استعمال ڪيا پر ان باوجود مخالف ڌر جي اتحاد جو لاھور وارو جلسو ڪيتري قدر ڪامياب رھيو ان بابت تبصري نگارن جو چوڻ آهي ته جلسو ته شاندار ڪامياب ٿيو، پر ان کي ناڪام ڪرڻ واري حڪومتي پاليسي ۾ حڪومت ضرور ناڪام ٿي آهي.عمران سرڪار اپوزيشن جي جلسن کي روڪڻ لاءِ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وبا جي ڦهلاءَ جو سبب ڄاڻائي جلسا ملتوي ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي ھئي ته ٻئي طرف مخالف ڌر جي جماعتن کي جلسا ڪرڻ جي اجازت ڏيندي پنهنجي مخالفن جي اهڙي عمل کي آئيني حق قرار پڻ ڏنو، ساڳئي وقت ڪيئي وفاقي وزيرن اپوزيشن کي اهي صلاحون به ڏنيون آهن ته هُو جلسا ۽ جلوس ملتوي ڪري ڇڏين، ڇو ته احتجاجي جلسن ۽ جلوسن سان ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ تيزي اچي سگهي ٿي. پر اپوزيشن حڪومتي آڇون ٿڏي لاھور ۾ رٿيل جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي. لاھور واري جلسي کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي حوالي سان جيئن پوءِ تيئن ماحول گرم ٿي رهيو آهي، مخالف ڌر جو اتحاد پي ڊي ايم هر صورت ۾ حڪومت کي گهر ڀيڙو ٿيندو ڏسڻ گهري ٿو، جنهن ڪري اُهي گذريل مهيني کان مُلڪ جي مختلف شهرن ۾ جلسا ڪري رهيا آهن، جن ۾ عوام جو وڏو انگ پڻ شرڪت ڪري رهيو آهي، جڏهن ته 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ ٿيل جلسي کانپوءِ اسلام آباد طرف لانگ مارچ کي اپوزيشن فيصلا ڪُن مرحلو ڪوٺي رهي آهي. سندن چوڻ آهي ته اِهو مارچ حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻبو، ٻئي طرف حڪومت اِهو تاثر ڏئي رهي آهي ته اُنهن کي اپوزيشن جي ڪنهن به لانگ مارچ جو ڊپ نه آهي ۽ وزيراعظم جي لهجي ۾ ڏينهون ڏينهن تلخي به ڏسڻ ۾ اچي پئي، جيڪڏھن وزيراعظم اھڙي تلخ بيانن تي قائم رھيو ۽ لاھور واري جلسي جي خلق اسلام آباد جو رخ ڪيو ته ڪپتان لاءِ اڃا وڌيڪ مونجھارا پيدا ٿي پوندا. اپوزيشن پارٽين لاھور واري جلسي ۾ گڏيل اتفاق ڪيو آھي ته ڪپتان سرڪار کي ھاڻ ڪو به اين آر او نه ڏنو ويندو، جيڪڏهن لاهور جلسي کانپوءِ اپوزيشن اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪيو ته اُن کي روڪڻ ڪپتان حڪومت لاءِ نهايت مشڪل ٿي سگهي ٿو ۽ لانگ مارچ ۾ ڪنهن به قسم جو تشدد يا رڪاوٽون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اُن سان ٽڪراءَ واري صورتحال جُڙي سگهي ٿي تنهنڪري اڃا به وقت هٿن مان ناهي ويو، جيڪڏهن حڪمران مُلڪ ۽ قوم جو ڀلو ۽ بهتري چاهين ٿا ته پوءِ پنهنجي صفن مان سينيئر ۽ ساکائتين شخصيتن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي جوڙي اپوزيشن سان ڳالهين جو سلسلو شروع ڪيو وڃي، ڇو جو مُلڪ هن وقت ڪنهن به قسم جي انتشار کي برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. حڪومتي ڌر کي سوچڻ گھرجي ته معاشي حوالي سان ملڪ ڏيوالي کي ڇُهي رھيو آھي، بيروزگاريءَ ۾ پڻ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي، ماڻهو تنگدستيءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، اِن صورتحال کي عالمي وبا جي ڦهلاءَ وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. وبا سبب پيدا ٿيل صورتحال زندگيءَ جون رونقون تباهه ڪري ڇڏيون آهن. ان جي ٻي لهر هزارين وڌيڪ ماڻهو متاثر ڪيا آهن، اسپتالن ۾ گنجائش ناهي رهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن مخالف ڌر جلسا ۽ مارچ ڪندي ته وبا جي پکيڙ ۾ اڃا اضافو ٿيندو ۽ اُن لاءِ ضروري آهي ته حڪمران تدبر کان ڪم وٺن ۽ ڏاهپ جو مظاهرو ڪندي اپوزيشن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن، ڇو ته هر مسئلي جو حل وري به ڳالهيون ئي هونديون آهن، اِن کان اڳ جو جمهوريت لاءِ ڪي خطرا پيدا ٿين يا مُلڪ جي سلامتيءَ لاءِ ڪو ڏچو پيدا ٿئي، حڪومت کي ترت ۽ تڪڙن بنيادن تي ڳالهيون شروع ڪرڻ گهرجن، ڇو ته ڳالهيون ئي اها واحد واٽ آهي، جنهن سان نه رُڳو سياسي انتشار کان محفوظ رهي سگهجي ٿو پر عالمي وبا جي تباهڪارين کان به پنهنجي عوام کي بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. وزير اعظم عمران خان کي اھو به ضرور سوچڻ گھرجي ته مخالف ڌر جي جلسن ۾ عوام جو لاڙو وڌيڪ ھجڻ جو نتيجو موجوده حڪومت مان عوام جي بيزاري ظاھر ڪري ٿو، ڇو ته پي ٽي آءِ سرڪار اڍائي سالن واري حڪومتي دور دوران عوام کي ڪو به رليف نه ڏئي سگھي آھي، هن وقت عام ماڻهن جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي، ھر شيءِ مھانگي ھجڻ ڪري ملڪ جو غريب طبقو ڪجھه خريدڻ جي سگھه وڃائي ويٺو آهي، جيڪڏهن اپوزيشن عوام جي بنيادي مسئلن ۽ مھانگائي واري اشو کي کڻي اڳيان اچي ٿي ته ان کي نه صرف مثبت عوامي موٽ ملندي پر اسلام آباد طرف لانگ مارچ جو کڙ تيل به نڪري سگهندو، ان ڪري حڪومت اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڇڪتاڻ کي روڪڻ چاھي ٿي ته مخالف ڌر لاءِ ڳالھين جا دروازا کولي، ٻي صورت ۾ لاھور جلسي بعد پيدا ٿيل سياسي ڌٻڻ مان ڪپتان سرڪار جو نڪرڻ مشڪل ھوندو. حڪومت اڳ ئي گهڻن معاملن ۾ پنهنجي هٺ ڌرمي ۽ ضد سبب دير ڪري چڪي آهي ۽ ان جو نقصان به مخالف ڌر يا ڪنهن ٻي ڌر کان وڌيڪ حڪومت کي رسيو آهي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي ناتجربيڪاري ۽ سياسي سمجهه گهٽ هجڻ سبب صرف ضد ۽ انا جي بنيادن تي مسئلا پيدا ڪيا آهن، ڏٺو وڃي ته پرڏيهي پاليسي ۾ به حڪومت وٽ ڪجهه نه رهيو آهي، پاڪستان جا 2 اهم اتحادي سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتون ڀارت جي ويجهو ٿي چڪيون آهن، عالمي سطح تي پاڪستان جي اڪيلائي وڌي رهي آهي، جيڪڏهن اسان جي اندر واري صورتحال به ضابطن کان نڪري وئي ته پوءِ خدانخواسته حڪومت ته پري جي ڳالهه پر ملڪ کي به نقصان رسي سگهي ٿو، ان ڪري جيترو به جلد ٿي سگهي، حڪومت کي دانشمندي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ۽ مخالف ڌر کي ڳالهين جي ميز تي آڻي انهن کي مطمئن ڪرڻ کانسواءِ هاڻ حڪمرانن وٽ ٻيو ڪو به رستو نه بچيو آهي ۽ اهو ئي عزت ڀريو رستو آهي، جنهن کي انا ۽ ضد ۾ اچي نه وڃائڻ گهرجي.