184

ڊالر جو اگهه 200 روپين کان وڌي ويو، لگزري گاڏيون ۽ ٻيون غير ضروري شيون پرڏيهه مان گهرائڻ تي پابندي لاڳو

ڪراچي/ اسلام آباد ( نمائندا ) ملڪي سياسي صورتحال ۽ آءِ ايم سان ڳالهيون نه ٿيڻ سبب ڊالر جي اگهه ۾ واڌ ۽ پاڪستاني روپيي جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊالر جو اگهه وڌي 200 روپين تائين پهچي ويو آهي. اربعا ڏينهن هڪ موقعي تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قميت ۾ 3 روپيا 26 پئسن جو واڌارو ٿيو جنهن کان پوءِ ڊالر 199 روپين جو ٿي ويو جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ 200 روپين کان به ٽپي ويو . پر ان کان پوءِ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 2 روپيا 65 پئسا مهانگو ٿي 198 روپين 39 پئسن تي بند ٿيو جڏهن ته اوپن مارڪيٽ پڻ ڊالر اڍائي روپين جي اضافي کان پوءِ 200 روپيا 50 پئسن تي بند ٿيو. ٻي پاسي وزيراعظم شهباز شريف لگزري ۽ غير ضروري شين جي درآمد تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم پاران انهن لگزري ۽ غير ضروري شين جي درآمد تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، جنهن جي استعمال نه ڪرڻ سان به عام ماڻهن جي زندگي تي فرق نه پوندو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم لگزري گاڏين ۽ ڪاسميٽڪس جي سامان ۽ ٻين غير ضروري شين جي امپورٽ تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، جنهن تي فوري طور عمل ڪرڻ  لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن.ذريعن موجب وزيراعظم درآمد ۽ برآمد ۾ واپاري خساري جي فرق جي ڪري لگزري شين جي امپورٽ تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، جنهن سان روپئي جي قدر ۾ وڌيڪ گھٽتائي نه ٿيندي. ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف روپيي جو قدر گهٽجڻ کان روڪڻ لاءِ پاليسي ميڪرز کي لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کان پوءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو