96

ڊالر 212 رپيا ٿي ويو،پاڪستاني رپئي جو دارو مدار آءِ ايم ايف پروگرام جي چوڌاري گهمي پيو:معاشي ماهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊالر  212 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو،  معاشي ماهرن چيو آهي ته پاڪستاني رپئي جي قدر جو دارو مدار آءِ ايم ايف پروگرام جي چوڌاري گهمي رهيو آهي، تيل جي رهتن جي مد ۾ دٻاءُ سان ملڪي ناڻي جي ذخيرن ۾تيزي سان گهٽتائي ۽ سرڪاري ذخيرا وڌيڪ گهٽجي 8 ارب 9 ڪروڙ ڊالر تي پهتا آهن،  ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊالر جو انٽر بينڪ ريٽ 208 رپيا ۽ اوپن مارڪيٽ قيمت 212 رپين جي نئين بلند ترين سطح کان وڌي وئي آهي، معاشي ماهرن چيو آهي ته  پيٽروليم شين تي سبسڊي ختم ڪرڻ سميت ٻين سختن قدمن جي باوجود آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي معاهدي تي راضي نه ٿيو،آءِ ايم ايف مطالبو ڪري رهي آهي ته پيٽرول تي ليوي ۽ سيلز ٽيڪس به لاڳو ڪيو وڃي، ٻيون فرمائشون به ڪري رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو