اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اداڪار ۽ گلوڪار علي ظفر ڊرامه سيريل پهلي سي محبت جي او ايس ٽي جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ گوهر ممتاز کي ڏنو آهي. تازو ئي ڊرامه سيريل پهلي سي محبت جو او ايس ٽي جاري ڪيو ويو. جنهن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو. جنهن تي علي ظفر چيو ته ان جو سمورو ڪريڊٽ ميوزڪ ۽ ڪمپوزيشن ڏانهن وڃي ٿو، جنهن جا فرض گوهر ممتاز نڀايا آهن. ياد رهي ته ڊرامي جي ٽائيٽل سانگ کانسواءِ انهيءَ ڊرامي ۾ ايندي ئي ماڻهن به مقبوليت حاصل ڪري ورتي آهي.
