32

ڊسڪا چونڊ: وزيراعظم پاران ايڪشن، پي ٽي آءِ اميدوار کي اهم هدايتون جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان اين اي 75 ڊسڪا ۾ تحريڪ انصاف اميدوار کي 20 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ واري درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته هميشه آزاد ۽ شفاف چونڊن لاءِ جدوجهد ڪئي پر بدقسمتي سان ٻين پارٽين ۾ ان بابت سنجيدگي جي کوٽ آهي. هن چيو ته اسان شفافيت چاهيون ٿا ان لاءِ سينيٽ چونڊن ۾ اوپن بيلٽ جو مطالبو ڪيو، اسان آزاد ۽ شفاف چونڊ عمل جي مضبوطي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين. وزيراعظم جو چوڻ هو ته 2013ع جي چونڊن کانپوءِ جڏهن اسان 4 تڪ کولرائڻ پئي چاهيو ته ان لاءِ اسان کي 2 سالن جي ڊگهي ۽ صبر واري جدوجهد مان گذرڻو پيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو