163

ڊينيئل پرل ڪيس: سپريم ڪورٽ عمر شيخ کي ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس جي مک جوابدار عمر شيخ کي ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس جي جوابدارن جي آزادي خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت پنجاب حڪومت کي عمر شيخ کي لاهور منتقل ڪرڻ وارن قدمن بابت رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي حڪومت لکت ۾ جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو. جسٽس عمر عطا بنديال سوال ڪيو ته عدالتي حڪم باوجود هن وقت تائين عمر شيخ کي لاهور منتقل ڇو ناهي ڪيو ويو؟ تمام گهڻا هاءِ سيڪيورٽي ايرياز آهن ۽ عمر شيخ کي اتي شفٽ ڪري سگهجي ٿو، عمر شيخ جي مستقل آزادي جو حڪم نه پيا ڏيون رڳو منتقل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته عمر شيخ کي ريسٽ هائوس ۾ شفٽ ڪريون ته رينجرز ۽ فوج کان مدد وٺڻي پوندي، عمر شيخ کي لاهور ۾ جيل جي حدن ۾ هڪ سرڪاري گهر ۾ رکيو ويندو. عدالت عمر شيخ کي ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ چيو ته پنجاب حڪومت عدالتي حڪم تي لاڳاپيل ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪري، ان ماڻهن جي آزادي جي حڪم کانپوءِ لڳاتار حراست تي عدالت مطمئن ناهي. اٽارني جنرل عدالت کي يقين ڏياريو ته هڪ هفتي ۾ عمر شيخ کي پنجاب منتقل ڪري ڇڏينداسين. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي چيف سيڪريٽري پنجاب کي طلب ڪري ورتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو