104

ڊينگي وائرس کان بچاءَ لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جي ضرورت…!!

ليکڪ: صالح ميمڻ

ڊينگي جو مرض خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري رھيو آھي، 5 سالن جي مقابلي ۾ هلندڙ سال جي 10 مهينن دوران رڪارڊ 7 هزار ڊينگي جا ڪيس ظاهر ٿي چڪا آھن.روزانو ڪراچي، خيرپور ۽ ٻين شھرن ۾ ڪيسن جو تعداد وڌي رھيو آھي، صرف آڪٽوبر مهيني دوران ڊينگي جا هڪ هزار 76 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا. گذريل 7 سالن جي مقابلي ۾ هن سال وڌيڪ ڪيس ظاھر ٿيا آھن، ھن سال جي 10 مهينن دوران سنڌ ۾ مجموعي طور ڊينگي جا 7 هزار هزار 808 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ڊينگي تي ضابطو نه اچڻ جي ڪري صورتحال ڳنڀير ٿي رهي آهي ۽ مختلف ضلعن ۾ ڊينگي جا ڪيس ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا آهن. هڪ رپورٽ موجب 2013ع ۾ ڊينگي جا 5970، 2014ع ۾ ڊينگي جا 1295، 2015ع ۾ ڊينگي جا 3962، 2016ع ۾ ڊينگي جا 2418، 2017ع ۾ ڊينگي جا 2927 ۽ 2018ع ۾ ڊينگي جا 2088 ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته هلندڙ سال جي 10 مهينن دوران 7 هزار 808 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن. ڊينگي جي ڪري هن سال 20 مريض فوت ٿي چڪا آهن جن ۾ هلندڙ مهيني 9 مريضن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.  سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ ڊينگي وائرس جو ڦهلاءُ ھاڻ هر سال جو معاملو ٿي ويو آهي، جڏهن سنڌ جا عام طور تي سمورا ضلعا ۽ خاص طور تي 7 -8 ضلعا برسات تباھه ڪري ڇڏيا ھئا، تڏھن ان موقعي تي به ڊينگي وائرس جي ظاهر ٿيڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ ماڻهن جي مرڻ جون خبرون انتهائي خوفناڪ بڻجي ويون ھيون، انهن ئي مهينن ۾ تقريبن ھر سال ڊينگي وائرس ڪيترن ئي ماڻهن جي موت جو ڪارڻ بڻبو رھيو آھي، ھن سال اھا مصيبت ۽ قدرتي آفت وڏي پيماني تي ٿر تي نازل ٿي آھي، ھن کان اڳ ٿر ۾ معصوم ٻار بک وگھي مرندا رھيا ھئا ۽ موتن جو اھو سلسلو اڃا جاري ئي آھي ته ان ئي ڏکئي وقت ۾ اتي وري ڊينگي جي صورت ۾ ھڪ نئين مصيبت سامھون آئي آھي، ڊينگي وائرس ڦھلائيندڙ خاص مڇر بيٺل ۽ صاف پاڻي تي اچي ٿو، ٿر ۾ ماڻھو پاڻي جي کوٽ سبب ھٿ جي ٺاھيل حوضن، تلائن يا کڏن ۾ پاڻي جمع ڪري رکندا رھيا آھن ان ڪري چيو وڃي پيو ته ھن سان ڊينگي ان سبب ڪري اتي ڦھليو آھي، ھي سٽون لکجڻ ۽ چپجڻ تائين ٿر جي مختلف علائقن ۾ ٿورن ڏينھن اندر 2 سئو جي لڳ ڀڳ ماڻھو متاثر ٿيا آھن، سرڪار ۽ صحت کاتي جا پنھنجا انگ اکر آھن، پر سرڪار ۽ ان جي صحت کاتي جي ڊينگي کي روڪڻ جي حوالي سان ڪا به مناسب ڪوشش نظر نه آئي آھي، جنھن سبب ٿر جا غريب ماڻھو ھن سال ھڪ کان ھڪ نئين خوف ۾ مبتلا ٿيا آھن، ھنن ئي مھينن دوران حيدرآباد ۾ به ڊينگي وائرس ڪلور ڪري ھڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين سميت 50 جي لڳ ڀڳ ماڻھن کي اسپتالن تائين اچڻ تي مجبور ڪيو، ٿر ۾ ڊينگي جو حملو ھن سال ٿر جو ھڪ نئون مسئلو ٿي سامھون آيو آھي، ماڻھن ۾ خوف تڏھن وڌندو آھي جڏھن سرڪار طرفان دعوائن باوجود ماڻھن کي مناسب موٽ يا رليف نه ملندو آھي. يا پوءِ ڊاڪٽر، سيڪريٽري، ايم اين اي ليول جا ماڻھو به ان مسئلي جو شڪار ٿيندا آھن. سال 2010ع ۾ انهن ئي ڏينھن دوران سنڌ ۾ 1640 ماڻھو ڊينگي وائرس متاثر ڪيا ھئا، 2 نومبر 2010ع تائين سنڌ ۾ ڊينگي جي نتيجي ۾ مرندڙن جو تعداد 32 ٿي ويو هو. اھو سال سنڌ ۾ وڏي درياهي ٻوڏ وارو سال ھو، پاڻي جي ڪري ڪروڙين ماڻھو متاثر ۽ دربدر ٿيا ھئا. ان مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي وائرس ڪيترو خطرناڪ آھي، جنھن کان بچاءَ جي لاءِ صحت کاتي اخبارن ۾ اشتھار به هلرايا.

ڊينگي ڇا آھي؟: ڊينگي ھڪ وائرس جي ذريعي ڦھلجي ٿو، جنهن جو خاص نالو ”ايڊيز“ رکيو ويو آهي، جيڪو هڪ خاص مڇر جي ذريعي ڦھلجي ٿو جيڪو مڇر صرف صاف ۽ بيٺل پاڻي تي اچي ٿو، ماڻھن کي  گھڻو ڪري شام يا صبح جي وقتن تي ڏنگي ٿو، جنھن سان خاص بخار اچي ٿو ان خاص قسم جي بخار مان ڊينگي جا مريض سامھون اچن ٿا.

سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ڊينگي: سال 2009ع جي نومبر جي شروعات تائين سڄي ملڪ ۾ ڊينگي جي متاثرن جو تعداد 4 هزار تائين پهتو هو جيڪو سال 2010ع دوران ساڳين ڏينھن ۾ 6000 ٿي ويو ھو. 2009ع ۾ ھن وائرس جي ڦھلجڻ جي حوالي سان سنڌ ۽ پنجاب ۾ هڪجهڙي صورتحال هئي پر 2010ع ۾ پنجاب ۾ ڊينگي جا وڌيڪ ڪيس سامھون آيا ھئا، ان جو به وڏو سبب درياهي ٻوڏ جو پاڻي جمع ٿيڻ ھو، پنجاب حڪومت ڊينگي جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ نهايت اهم ۽ ڪارائتا قدم کنيا ھئا، جنهن ۾ پنجاب جي صوبائي حڪومت سريلنڪا کان خاص ٽيم به گهرائي ھئي ۽ پرائيويٽ اسپتالن کي ڊينگي جي متاثر ماڻهن جو مفت ۾ علاج ڪرڻ جي هدايتن سان گڏوگڏ ليبارٽرين لاءِ خاص هدايت جاري ڪئي وئي ھئي، ته اهي ڊينگي وائرس جي خاص ٽيسٽ لاءِ صرف 90 رپيا في وصول ڪن.

ڊينگي جي تاريخ: ڊينگي وائرس دنياوي حوالي سان 55 سال پراڻو آهي، پاڪستان ۾ ان جو پهريون ڪيس 2003ع ۾ خوشاب ۾ ظاهر ٿيو هو، سنڌ ۾ 2009ع دوران تقريبن هنن ئي ڏينهن ۾ ڊينگي وائرس هجڻ جي شڪ ۾ 400 مريضن کي چڪاسيو ويو هو، جن مان هڪ ٻن کي ڊينگي متاثر ڪيو هو، باقي ان کان آجا قرار ڏنا ويا هئا. ان مان به واضح آهي ته هر اهو ماڻهو جيڪو سمجهي ٿو ته کيس ڊينگي وائرس متاثر ڪيو آهي، اهو لازمي نه آهي ته کيس ڊينگي وائرس متاثر ڪيو هجي، ٻيو دليل اهو به آهي ته سال 2008ع ۾ سنڌ ۾ ڊينگي وائرس جي شڪ ۾ 851 ماڻهن کي چڪاسيو ويو هو، جن مان 270 ماڻهو ڊينگي جا متاثرين ظاهر ٿيا هئا، آڪٽوبر 2008ع ۾ ڊبليو ايڇ او جي هڪ رپورٽ ۾ ايشيا کنڊ جي 73 ملڪن ۾ ڊينگي بخار جو خطرو ظاهر ڪيو ويو هو ۽ چيو ويو هو ته ان وائرس سان انهن ملڪن جا 2 ارب ماڻهو (دنيا جا 33 سيڪڙو ماڻھو) متاثر ٿي سگهن ٿا. اهڙي رپورٽ کانپوءِ 2009ع ۾ سريلنڪا ۾ 35 هزار ماڻهن جي موت جي ڊينگي جي حوالي سان تصديق به ٿي، لکن جي تعداد ۾ ماڻهو ڊينگي جي وائرس کان متاثر ٿيا ۽ ڪروڙين ماڻهو پريشان ٿي اسپتالن تائين شڪ ۾ پهتا، جنهن کانپوءِ ايشيا ۾ ڊينگي بابت سخت خوف جنم ورتو آھي، سال 2009ع ۾ سنڌ سرڪار ڪيسن جي وڌڻ ۽ ماڻهن جي مرڻ جو نوٽيس وٺندي ڪروڙين رپيا اشتهاري مهمن، خاص وارڊن، ٽيسٽن ۽ دوائن  تي خرچ ڪيا هئا. ڊينگو 2000ع ( يعني 20 هين صدي) تائين دنيا لاءِ ڪو وڏو خطرو نه هو. 2001ع کان 2004ع تائين 4 سالن جي عرصي ۾ ايشيا کنڊ جي مڙني ملڪن ۾ ڊينگي جا ڪل 98 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي بعد ۾ سال به سال وڌندا رهيا آهن ۽ هڪ اهڙي خطرناڪ تاريخ جڙندي رهي آهي جو ڊينگي جو خوف ڏينهن به ڏينهن وڌندو پيو وڃي، ماڻهن کي پنهنجو ۽ پنهنجن ٻارن بابت فڪر ٿيڻ لڳو آهي ۽ ان فڪر ۾ هيڪاندو اضافو پڻ اچي رهيو آهي. ڊينگي جو ڦھلاءُ: ڊينگي جي ڦهلاءُ جي ذريعن ۾ هڪ ذريعو ٽيوبن جا پنڪچر ٺاهڻ لاءِ رکيل پاڻي وارا حوض يا ٽينڪ به قرار ڏنا ويا آھن، چيو ويو آهي ته پنڪچر چيڪ ڪرڻ لاءِ رکيل پاڻي ۾ ڊينگي جو خاص مڇر ” ايڊيز“ وائرس آڻي ٿو جيڪو ٽيوبن تي پاڻي سان گڏ چنبڙي ٻين شهرن تائين ڦهلجي ٿو. جڏهن ته ان کان اڳ اھو چيل آھي ته صاف پاڻي جي تلائن، ڦوهارن، ڍنڍن ، گهرن جي کليل ٽانڪين ۽ ٻين اهڙن هنڌن تي اهو خاص مڇر اچي ۽ پيدا ٿئي ٿو، وڏن ماڻھن جي گھرن اندر ٺھيل تلاءَ انھن لاءِ وڏو خطرو آھن، جن ۾ سڄو سال پاڻي بيٺل رھي ٿو، بنگلن جي اھڙي سونھن انھن بنگلن جي مالڪن انھن جي معصوم ٻارن لاءِ موتن جو سبب ٿي سگھي ٿي. پاڻي جون اھي ٽانڪيون وڏي تعداد ۾ کليل رھن ٿيون جيڪي ڊينگي مڇر جون آماجگاھون ٿي سگھن ٿيون، ان ڪري پاڻ چئي سگھون ٿا ته ماتلي شھر ۽ تعلقي جا لکين ماڻھو ھر سال ڊينگي جي وڏي خطري ھيٺ آھن. ان طرح سنڌ جا ٻيا علائقا به ان طرح جا آھن ۽ ٿي سگھن ٿا، جھڙوڪ ٿر وارا ڳوٺ جن ۾ پاڻي کي دٻن ۾ جمع ڪري بيھارڻ اتان جي ماڻھن جي مجبوري آھي، ڪينجھر ڍنڍ جي ڀرپاسي وارا علائقا وغيره وغيره. ڊينگي کان بچاءَ جون تدبيرون: ڊينگو کان بچاءُ جون جيتريون به تدبيرون ۽ هدايتون آهن، اهي سنڌ جي ماڻھن لاءِ بي فائدا لڳن ٿيون، ڇو ته سنڌ ۾ تعليم گھٽ ۽ غربت وڌيڪ آھي، جتي به اھي ٻه مصيبتون ھونديون اتي ڪنھن ٽين مصيبت کي اچڻ ۾ دير نه ٿي لڳي سگھي، خدا نه ڪري ڪنھن سال ۾ ڊينگي سنڌ ۾ ان طرح نه ڦھلجي جھڙي طرح ڪجھه سال اڳ سريلنڪا ۾ ڦھليو ھو، سنڌ ۾ ڊينگي ان طرح ڦھليو ته وڏو جاني نقصان ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ سنڌ حڪومت ۽ خاص طور تي صحت کاتي کي هر سال خاص مھينن ۾ الرٽ رهڻ جي ضرورت به آهي، خاص طور تي برساتن کان پوءِ وارين حالتن ۾ جڏھن برساتن جو پاڻي گڏ ٿي بيٺل ھوندو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو