186

ڌرتي (ماءُ) جي پنھنجن ٻچن کي دانھن…!

پيارو انسانو! ،آئون توهان جي ماءُ آهيان زمين. جيئن ته زھره، مريخ، زحل ۽ عطارد منهنجا پاڙيسري آهن. چئبو ته آئون برڪت واري آهيان. آئون برڪت واري آهيان، ڇاڪاڻ جو آئون هڪ اهڙي شي جو گهر آهيان جنهن تي تائيد ڪرڻ ضروري ناهي ۽ اها آهي زندگي.آئون مختلف قسمن جي فانا ۽ فلورا جو گهر آهيان.مونکي وڏا درياءَ، سمنڊ، ٽڪريون، ڪشادا ميدان، سرسبز ٻيلا ۽ گليشيئرز نصيب ٿيا، پر سڀني کان مٿي توهان هومو سيپيئنز آهيو، جنهن تي مونکي فخر آهي.مونکي توهان تي فخر هوندو هو جڏهن توهان غارن ۾ رهندا هئا، آس پاس جي سمورين شين جي سار سنڀال ۽ حفاظت ڪندا هئا، پوءِ چاهي اُهي جانور هجن، ٻوٽا هجن يا گليشيئرز هجن. توهان آس پاس جي هر شي جو خيال رکيو، ڇاڪاڻ جو توهان ڄاتو ٿي ته هڪڙي ننڍڙي ٽنڊڻ کي مارڻ سان به توهان تي گھرو اثر پئجي سگهي ٿو.افسوس سان! جڏهن توهان ڪامياب ٿيڻ شروع ٿيا، سڀ ڪجهھ بدلجي ويو. توهان لالچ ۾ اچي، هٿيارن کي ترقي ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي، جيڪي ڪنهن طاقتور راڪاس کي لولو لنگڙو ڪري رک ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا. توهان هائڊروجن بم ۽ ايٽم بم کي ترقي ڏني، اهو نه ڄاڻندي ته اهي توهانجي ئي بقا جا قاتل آهن. توهان هينئر کان ئي بي رحم ثابت ٿيڻ شروع ٿيا آهيو، جنهن ڪري آئون مصيبتن ۾ مبتلا ٿي رهي آهيان. توهان جي هٿان هزارين ٻوٽا ۽ حيوان ختم ٿي چڪا آهن.توهان پاڻي ۾ آلودگي وجهي ڇڏي آهي، وڏن قدآورن ٻيلن کي سُڃن بيابانن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ توهان ايتريون ته نقصانڪار گئسون هوا سان گڏائي ڇڏيون آهن، جيڪي منهنجي بقا لاءِ چيلينج بڻيل آهن. هاڻ جڏهن به آئون پنهنجي اندر ۾ جهاتي پايان ٿي ته مونکي رڳو غم، رنج/ پڇتاءُ، تڪليفون، ڏُک ۽ ناداني نظر اچي ٿي. توهان پنهنجو پاڻ تي فخر ڇو ٿا ڪريو!؟، جڏهن ته جيڪو ڪجھ خراب ٿي رهيو آهي، ان جو سبب توهان آهيو، اهو سڀ توهانجي ڪري ٿي رهيو آهي.مون ڪيترا ئي ڀيرا توهان کي آبھوا جي تبديلي، برسات، هنگامي حالتن، زميني خشڪي، آنڌي، طوفان ۽ واچوڙن جي شڪل ۾ پنهنجيون غلط حرڪتون بند ڪرڻ لاءِ خبردار ڪيو آهي پر سڀ بيڪار ويو. توهان اها ڳالھ ڇو نٿا سمجهو، تہ برف جو پگهرجڻ سيلاب جو سبب ٿي سگهي ٿو، جيڪو توهان تي اثر انداز ٿيندو.توهان جو ذهن اها ڳالھه برداشت ڇو نٿو ڪري ته قحط سالي ۽ ڏڪار ٻيلن جي واڍي جو سبب آهن ۽ اهي توهان تي اثر ڇڏين ٿا. توهان ڇو نٿا سمجهو ته نقصانڪار گئسون رڳو نڙي جي سوڄ/ بيماري جو سبب ڪون آهن پر اهي سج مان نڪرندڙ الٽرا وايوليٽ شعاعن جو مقدار به وڌائين ٿيون، جيڪي توهان جي جسم تي سنئنو سڌو اثر ڏيکارين ٿا.جيڪڏهن هر شي توهانجي ڪلھن تي ايمانداري سان ويٺي آهي ته ان کي ڇو ٿا روڪيو؟ توهان مون( ڌرتي) تي موجود سڀ زندگيون ڇو ٿا ختم ڪرڻ چاهيو؟ مونکي ان وقت مايوسي پلئه پوندي آهي، جڏهن زالون پنهنجن مڙسن کي، ماءُ پنهنجن پُٽن کي، ڀينرون ڀائرن کي تباهه ڪُن جنگين، حادثن ۽ خوني واقعن ۾ وڃائي ويهنديون آهن. تڏهن آئون انهن جي گواھ بڻجندي آهيان.مونکي ڏاڍي مايوسي/ بي چيني محسوس ٿيندي آهي، جڏهن آئون ننڍڙن جوانڙن جي شاهدي ڏينديس، جيڪي رات ڏينهن محنت مزدوري ڪري ميوا پوکين ٿا، ۽ بالغ انهن جي محنت ۽ ڪوششن سان پوکيل ميوا پٽيو ڇڏين.هن وقت توهان هڪ اهڙي منجهيل زندگي گذاري رهيا آهيو، جنهن ۾ لاقانونيت، دھشت واريون حالتون ۽ مونجهارا غالب آهن. عالمي امن هڪ ڏورانهون خواب آهي ڇو تہ امن کي حاصل ڪرڻ ڊگهو سفر ضرور آهي پر ناممڪن ڪونهي.هڪ ماءُ جي ناتي آئون به پنهنجن ٻارن جي ڀلائي چاهيان ٿي. آئون هر طرف امن وارو ماحول ۽ سڪون واري هوا چاهيان ٿي. منهنجن ٻچن جي ٻڌي بغير هن دنيا جو امن ناممڪن آهي. آئون هڪ اهڙي دنيا جي خواهشمند آهيان جتي هڪ پکي خوشي سان انسان سان گڏ رهي، هڪ رڍ جو ٻچو شينهن سان ۽ چيتو ۽ انسان گڏجي رهي. آئون هڪ امن واري دنيا ڏسڻ چاهيان ٿي، جيڪا جنگين، دهشت، منشيات جي استعمال چائلڊ ليبر ۽ اکين ۾ لڙڪن کان خالي هجي. جتي پوري زندگي جو احترام ڪيو وڃي، جتي منهنجي مٿان رهندڙ جاندارن ۾ ڪو فاصلو نه رهي.پنهنجا سڀ اختلاف ختم ڪري، توهان امن ۽ محبت واري زندگي ڇو نٿا جيئڻ چاهيو؟ .توهان جي ماءُ ڌرتي..!

نوٽ: هي مضمون نامياري ليکڪ ذيشان ناصر  جو آهي، جيڪو اختر سمون پاران ترجمو ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو