33

ڏکڻ آفريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم جولاءِ ۾ آئرلينڊ جو دورو ڪندي

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ سائوٿ آفريڪا (سي ايس اي) جي پڌرائي مطابق ڏکڻ آفريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال جولاءِ ۾ آئرلينڊ جو دورو ڪندي. ڏکڻ آفريڪا جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي آئرلينڊ جي دوري دوران ٽي ون ڊي ۽ ٽي 20 جي 3 انٽرنيشنل ميچن جي سيريز کيڏندي. آسٽريليا خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي هوم سيريز ملتوي ٿيڻ کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا ان خال کي ڀرڻ لاءِ آئرلينڊ جي دوري جو فيصلو ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو