123

ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جو چيڪ پوسٽ تي حملو، 4 جوان شهيد، پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد به مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 4 جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد به مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر مطابق دهشتگردن ڏکڻ وزيرستان ۾ فورسز جي چيڪ پوسٽ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ لانس نائيڪ عمران علي، سپاهي عاطف جهانگير، سپاهي انيس الرحمان ۽ سپاهي عزيز شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج پاران دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد به مارجي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو