35

ڏکڻ وزيرستان ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 6 ڄڻا قتل، 15 زخمي، گهرن کي باهه

ڏکڻ وزيرستان (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا قتل ۽ 15 زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته ڇڪتاڻ دوران ڪيترن ئي گهرن کي باهه ڏني وئي آهي. رپورٽن مطابق ڪرڪنڙه واري علائقي ۾ زمين جي مالڪي واري تڪرار تان وزير زلي خيل ۽ دوتاني قبيلن وچ ۾ جهيڙو ٿيو پيو، جنهن کانپوءِ ڌريون مورچابند ٿي هڪٻئي تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا آهن. مڇريل ڌرين جي ماڻهن هڪٻئي جي گهرن کي باهيون پڻ ڏنيون، جڏهن ته انتظاميا جهيڙي روڪڻ ۾ ناڪام رهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو