152

ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ طالبان ڪمانڊر مارجي ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ طالبان ڪمانڊر مارجي ويو آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ طالبان ڪمانڊر نورستان عرف حسن بابا مارجي ويو. آءِ ايس پي آر مطابق ڏکڻ وزيرستان ۾ ٿيل آپريشن ۾ مارجي ويل طالبان ڪمانڊر 2007ع کان 50 اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو