165

کرڙاهه ڀرسان نينگر ٽريڪٽر هيٺيان اچي فوت، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام

کرڙاھ (ن سوڀ) کرڙاھ لڳ ڳوٺ محمد خان اسلامي جو رھواسي مسعود اسلامي ٽريڪٽر ٽرالي ھيٺان اچي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. وارثن جو چوڻ هو ته اسان جو  نينگر ٽريڪٽر ٽرالي تي مزدوري ڪندو هو، اتفاقي حادثو پيش آيو آهي، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، جڏهن ته واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو