140

کرڙاهه ڀرسان چاچي پاران مبينا طور 5 ورهين جي ٻارڙي سان زيادتي، گرفتار، ڪيس داخل

کرڙاھ (ن سوڀ) کرڙاھ ڀرسان ڳوٺ جعفر خان جلالاڻي ۾ چاچي پاران معصوم 5 ورهين جي ٻارڙي  بشيران سان مبينا زيادتي وارو واقعو پيش آيو آهي، پوليس جوابدار انور علي خان گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ڳوٺ جعفر خان جلالاڻي ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي جتي 5 ورهين جي ٻارڙي بشيران گوپانگ سان سندس پنهنجي چاچي انور علي گوپانگ گهر اندر زيادتي ڪئي آهي. نينگري جي والد جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي ڀاڄائي سان گڏ شادي تي ويل هو، جڏهن ته ان جو ڀاءُ ۽ ٻارڙي گهر اندر موجود هئا، جڏهن هو واپس آيو ته جوابدار نينگري سان ڏاڍائي ڪري رهيو هو، والد پاران ٿاڻي تي اهڙي فرياد داخل ڪرڻ بعد پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ ٻارڙي کي ليٽر جاري ڪري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو