233

کهڙا ۾ غير قانوني اڏاوتون ڊاهڻ لاءِ آپريشن، ابل واھ جي ٻنهي ڪپرن تي قائم دڪان ڊاهي پٽ

کهڙا (ن سوڀ) کهڙا ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي غيرقانوني حد دخليون هٽائڻ جي سلسلي ۾ اي سي گمبٽ اقبال حسين جنڊن جي اڳواڻي ۾ آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾  هيوي مشينري استعمال ڪندي پڪي پل وٽ ابل واھ جي ٻنهي ڪپرن تي قائم اٽڪل 30 پڪا دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ اي سي گمبٽ اقبال حسين جنڊاڻ جو چوڻ هو ته ڪورٽ سڳوري جي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي جيڪو سرڪاري ايراضي تي قائم اڏاوتن کي هٽائڻ تائين جاري رکيو ويندو. ٻئي پاسي متاثر دڪاندارن چيو ته اسان کي ڪو به متبادل ڏيڻ کان بغير اسان جا دڪان ڊاهي بيروزگار ڪيو ويو آهي جنهن سبب اسان جا ٻچا بک تي ويٺل آهن، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي ته کين متبادل دڪان ڏيئي روزگار ڏنو وڃي. ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ اي سي گمبٽ ۽ تعلقي انتظاميا پاران آپريشن شروع ڪرڻ تي دڪاندارن وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاءِ پاڻ دڪان ڊاهڻ شروع ڪيا هئا پر جيڪي مڪمل ڊهي نه سگهيا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو