19

کهڙا ۾ ڏاڍائي جي ڪوشش بابت بيان رڪارڊ، ناري جو خيرپور ليڊي پوليس سان وڃڻ کان انڪار

کهڙا (ويب ڊيسڪ) کهڙا ۾ 4 ڏينهن اڳ ايس ايڇ او کهڙا اعجاز علي مگسي ۽ بااثر نصير احمد اڄڻ پاران مبينا طور جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش جي جب متاثر عورت تهمينا خلجي جي معاملي جي انڪوائري جي سلسلي ۾ ڊي آئي جي سکر فدا حسين مستوئي پاران مقرر ڪيل انڪوائري آفيسر ڊي ايس پي غلام علي جماڻي کھڙا پهچي الزام هيٺ آيل نصير احمد اڄڻ ۽ پاڙي وارن جان محمد اڄڻ، محمد علي خلجي، چنگچي ڊرائيور مشتاق ناريجو، کهڙا ٿاڻي تي ننڍو منشي قربان شاهاڻي ۽ ٻين جا بيان قلمبند ڪيا، جڏهن ته متاثر عورت تهمينا ۽ ايس ايڇ او کهڙا اعجاز علي مگسي جا بيان ڪالهھ سکر ۾ انڪوائري آفيسر جي آفيس ۾ رڪارڊ ڪيا ويا هئا، ان موقعي تي انڪوائري آفيسر ڊي ايس پي غلام علي جماڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته انصاف تي مبني رپورٽ اڄ ڊي آئي جي سکر وٽ پيش ڪري ڇڏيندس. هوڏانهن خيرپور جي وومين ٿاڻي جي ليديز پوليس کهڙا پهچي متاثر ناري تهمينا خلجي کي ايس ايس پي خيرپور ۾ انڪوائري جي سلسلي ۾ بيان ڏيڻ لاءِ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران متاثر ناري تهمينا خلجي ليديز پوليس سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ناري تهمينا خلجي جو چوڻ آهي ته 4 ڏينهن اڳ ايس ايس پي خيرپور اي ايس پي سٽي نوشيروان ۽ وومين ٿاڻي خيرپور جي انچارج تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي هئي ڪاميٽي 3 ڏينهن اڳ خيرپور گهرائي منهنجو بيان رڪارڊ ڪيو ھو پر 4 ڏينهن گذرڻ باوجود زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ ايس ايڇ او کھڙا اعجاز علي مگسي ۽ بااثر نصير احمد اڄڻ خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي، جنهن ڪري مان ايس ايس پي خيرپور پاران مقرر ڪيل انڪوائري آفيسرن وٽ بيان ڏيڻ لاءِ نه ويندس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو