کوسڪي(ن سوڀ) کوسڪي شوگر ملز انتظاميا بناڪنهن نوٽيس جي مل جي 3 سئو مان 250 ملازمن کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو، اهڙي عمل خلاف مل ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. کوسڪي شوگر ملز انتظاميا بناڪنهن نوٽيس جي مل ۾ ملازمت ڪندڙ 3 سئو ملازمن مان 250 ملازمن کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو، اهڙي عمل خلاف ملازمن جي ايم آفيسجي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مرتضيٰ بشير، غلام محمد کوسو، عبدالرشيد ڀوت ۽ ٻين ٻڌايو ته مل انتظاميا بناڪنهن نوٽيس جي 250 ملازمن کي بنا ڪنهن لکت جي نوڪري مان ڪڍي روانو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ملازمن کي گذريل ٽن مهينن کان پگهارون به نه مليون آهن، ملازمن جي گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن مل انتظاميا ملازمن کي نوڪري تي بحال نه ڪيو ته 22 جنوري تي کوسڪي ۾ مل جي گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي کوسڪي شوگرملز جي جي ايم فيصل نديم پٺاڻ سوڀ کي ٻڌايو ته مل بند ھجڻ جي ڪري ملازمن کان ڊيوٽي نه ورتي وئي آهي، سڀ نه پر ڪجهه ملازم فارغ ڪيا آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ ملازمن کي رھيل پگهارون جاري ڪري ڇڏينداسين.
