17

ڪئناڊا ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيتن جي موڪليل ناڻي ۾ 87 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪئناڊا ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيتن طرفان موڪليل ناڻي ۾ گذريل مالي سال دوران 87 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق مالي سال 2021 ۾ ڪئناڊا ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستان پورهيتن 586 ملين ڊالر جو مٽا سٽا وارو ناڻو ملڪ موڪليو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ 87 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل مالي سال جي ساڳي مدي ۾ ڪئناڊا ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيتن 313.4 ملين ڊالر جو مٽا سٽا وارو ناڻو ملڪ موڪليو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو