ڪابل (ويب ڊيسڪ) ڪابل ۾ طالبان جي حمايت ۾ برقعو پاتل يونيورسٽي جي شاگردياڻين ريلي ڪڍي، 300 کان وڌيڪ شاگردياڻين يونيورسٽي کان مرڪزي شاهراهه تائين ريلي ڪڍي، جن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا، پلي ڪارڊن تي ”اسان برقعي ۾ پاڻ کي محفوظ سمجهيون ٿيون“ لکيل هيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي شاگردياڻين چيو ته شاگردياڻيون جيڪڏهن تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون ته کين مٿي کان پيرن تائين برقعو پائڻ گهرجي.
