117

ڪجهه ماڻهو ڪي ايم سي کي خودمختيار ڏسڻ نٿا چاهين: وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بجلي جي بلن ۾ ڪي ايم سي ٽڪس اوڳاڙي تي وفاقي حڪومت اعتراض واري ڇڏيو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت، ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي بلن ذريعي ڪي ايم سي جي ٻن ٽيڪسن – فائر ۽ ڪنزروينسي جي اوڳاڙي جي اجازت ڏيڻ ۾ مدد ڪري رهي آهي.  ڪي ماڻھو جيڪي ڪي ايم سي کي خودمختيار نٿا ڏسڻ چاهين اهي بجلي جي بلن ذريعي ڪي ايم سي ٽيڪس اوڳاڙڻ جي مخالفت ڪن ٿا جيتوڻيڪ اھي وساري ويٺا آھن ته ٽي وي فيس اڳواٽ ۾ ئي بجلي جي بلن ذريعي اوڳاڙي پئي وڃي. هن اها ڳالهه مزار قائد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي جتي هن قائداعظم محمد علي جناح کي سندس ورسي جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته ڪي ايم سي هر سال 1 ارب رپيا فائر ٽيڪس ۽ ڪنزروينسي اوڳاڙي جو هدف مقرر ڪيو آهي پر اهو مشڪل سان 250 ملين رپيا گڏ ڪري پئي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪي ايم سي ڪو نئون ٽيڪس نه پئي آڻي اهو پراڻو ٽيڪس گڏ ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪي ايم سي  ٽيڪس اوڳاڙي کي بهتر منصوبي تحت ان کي بجلي جي بلن سان گڏ اوڳاڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن شهر ۽ کيس عوام جي مفاد ۾ اوڳاڙي جي هدفن کي حاصل ڪري سگهجي. هن سوال ڪيو ته آئون حيران آهيان ته ڪجهه ماڻهو بغير ڪنهن سبب جي مخالفت ڪري رهيا آهن ۽ کين وساري ويٺا آهن ته ٽي وي فيس اڳ ۾ ئي بجلي جي بلن ذريعي اوڳاڙيو پيو وڃي پوءِ ڪي ايم سي ٽيڪس ڇو نه؟ مراد علي شاهه انڪشاف ڪيو ته هن ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين ۽ چيئرمين نيپرا سان ڳالهايو آهي ته جيئن ڪي ايم سي کي بجلي جي بلن ذريعي ٽيڪس اوڳاڙي جي اجازت ڏئي ۽ هو ان بابت سنجيده پڻ آهن ۽ سندس مڪمل سهڪار جي پڻ خاطري ڪرائي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت اورنج لائين منصوبو وفاقي حڪومت جي گرين لائين منصوبي سان گڏ شروع ڪندي. هن چيو ته اسان شهر ۾ 250 بسون آڻي رهيا آهيون پر پروجيڪٽ ۾ ڪجهه ٽيڪنيڪل مسئلن سبب دير ٿي آهي ۽ هاڻي هڪ سرڪاري ايجنسي بسون خريد ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي ۽ حڪومت کي سرڪاري خريداري تي ڪو اعتراض ناهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته نالن جي صفائي نيڪالي واري نظام ۾ سڌاري سبب برسات جو پاڻي روڊن ۽ گهٽين ۾ گڏ نه ٿيو آهي جهڙوڪه جيئن ماضي ۾ ٿيندو رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملير ايڪسپريس وي، ريڊ لائين بي آر ٽي ۽ بليو بي آر ٽي تي ڪم جلد شروع ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت ليجنڊ اداڪار عمر شريف کي طبي علاج فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته اسان جو ثقافت کاتو اڳواٽ ۾ ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته عمر شريف کي طبي علاج فراهم ڪيو ويندو ۽ جيستائين آمريڪا ۾ سندس علاج جو تعلق آهي ته اها وفاقي حڪومت کيس ويزا ۽ ٻيون گهربل سهولتون ڏئي سگهندي. قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن پاڪستان کي هڪ پرامن ۽ جمهوري قوم بڻائڻ لاءِ قائم ڪيو هو. هن چيو ته اسان کي قائد جي مشن کي ان جي رهنما اصولن تي عمل ڪندي اڳتي وڌڻو آهي ۽ جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته ڪشمير کيس حصو هو پر بعد ۾ ان تي هندستان قبضو ڪيو. تنھنڪري اسان کي پنھنجي ڪشميري ڀائرن کي ضرور ياد رکڻ گھرجي جيڪو مسلسل ڀارتي قبضي ۽ جارحيت خلاف وڙھي رھيا آھن. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير مزار قائد تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.’ٻئي طرف منصوبا بندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته  وفاق ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ۾ ڪي ايم سي ٽيڪس جي اجازت نه ڏيندو، جڏهن ته گورنر عمران اسماعيل چيو ته بجلي جي بلن ۾ ڪراچي جي عوام کان ٽيڪس وصولي اضافي بار هوندو، اسان ان جي حق ۾ ناهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو