148

ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٽنڊوڄام جي ڪچري مان استعمال جوڳيون شيون تيار ڪبيون: مهراڻ يونيورسٽي ۽ عالمي اداري وچ ۾ ٺاهه

ڄامشورو (رپورٽ: حاڪم چانڊيو) ڪراچي جي ميمڻ ڳوٺ، مراد ڳوٺ ۽ قاسم آباد جي يونين ڪائونسل نمبر هڪ ۽ ٽنڊو ڄام شهر جي ڪچري ۽ پلاسٽڪ کي کڻڻ ۽ ان مان ماحول دوست استعمال جون شيون ٺاهڻ لاءِ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۽ عالمي اداري ٽيئرفنڊ وچ ۾ معاهدو ٿيو آهي. معاهدي تي مهراڻ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي ۽ ٽيئرفنڊ جي ڊائريڪٽر سميا اعجاز پاران صحيون ڪيون ويون. معاهدي واري تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته ڪچري ۽ پلاسٽڪ کي کڻڻ جي سکيا ۽ پلاسٽڪ جي ماحول دوست استعمال وارو مسئلو سڄي دنيا ۾ آهي پر ان جا هر ملڪ ۽ قوم پنهنجي پنهنجي نموني حل تلاشي ورتا آهن. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جا پاڻي ۽ ماحوليات جا پروفيسر ٽيئرفنڊ سان گڏجي ڄاڻايل علائقن ۾ ڪچري کي ڪيئن کڻجي ۽ پلاسٽڪ جو بهتر استعمال ڪيئن ڪجي ان تي سٺي سکيا ڏئي هن رٿا کي ڪامياب ڪندا ۽ اميد ته اهو ڪامياب ماڊل سڄي سنڌ صوبي ۽ ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي مهراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش مهر چيو ته روزاني پاڪستان ۾ 14 هزار ماڻهو ڪچري جي ڍيرن، ڪچري ساڙڻ ۽ پلاسٽڪ کي غلط نموني ضايع ڪرڻ مان پيدا ٿيندڙ بيمارين ڪري موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته ڪچري کي خالي پلاٽن ۾ اڇلائڻ، پلاسٽڪ کي گٽر نالن ۾ اڇلائڻ سان ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿين ٿيون. هن چيو ته ٽيئرفنڊ ۽ مهراڻ يونيورسٽي گڏجي هي منصوبو جوڙيو آهي، اميد ته ميمڻ ڳوٺ ڪراچي، مراد ڳوٺ، قاسم آباد جي يونين ڪائونسل 01 ۽ ٽنڊو ڄام جي شهرين کي فائدو ٿيندو ۽ اتان جا شهري هن منصوبي مان مثبت سکيا وٺندا. تقريب کي خطاب ڪندي ٽيئرفنڊ جي ڊائريڪٽر سميا اعجاز چيو ته هي مهم برطانيا مان شروع ٿئي هئي، هن وقت ٽيئرفنڊ دنيا جي مختلف 50 ملڪن ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان کي صفائي جو ڪم ڪندڙ پورهيتن کي عزت ڏيڻي پوندي. هن چيو ته جيستائين شهري پنهنجا رويا بهتر نه ڪندا بهتري نه ايندي. ان موقعي تي تقريب کي ٽيئرفنڊ جي رضوان ابڙو، واٽر سينٽر جي انجنيئر محمد علي نظاماڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو