99

ڪراچيءَ ۾نفرتن، قتل ۽ رتوڇاڻ جي سياست نه ٿيڻ ڏينداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو کي هدايت ڪئي آهي ته هو 16 جون تي ڪورنگي جي تڪ اين اي 240 تي ننڍي چونڊ دوران فائرنگ جي واقعي جي انڪوائري ڪري ۽ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن اها ڳالهه ڇنڇر جي شام وزيراعليٰ هائوس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سان ملاقات ڪندي چئي. وڏي وزير ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سان ملاقات دوران واقعي جا تفصيل حاصل ڪيا ۽ کيس ان واقعي جي مڪمل جانچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ننڍي چونڊن ۾ امن امان جي صورتحال پيدا ڪئي وئي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي سندن ساٿين سميت نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري سگهجي. مراد علي شاهه چيو ته وڏين قربانين کان پوءِ هن شهر ۾ امن بحال ٿيو آهي ۽ ڪنهن کي به امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته هر سياسي جماعت کي حق آهي ته هو پرامن سياسي عمل ۾ حصو وٺن پر هو شهر ۾ نفرت، قتل ۽ رتوڇاڻ جي سياست نه ٿيڻ ڏيندا. سنڌ جي وڏي وزير ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي سمورن ايس ايس پيز کي پنهنجي لاڳاپيل علائقن ۾ انٽيليجنس بيسڊ ٽارگيٽيڊ آپريشن جي حوالي سان متحرڪ ڪن ۽ ڊرگ مافيا خلاف ڪارروائي ڪن. هن 24 جولاءِ تي ٿيندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن دوران شهر ۾ امن و امان لاءِ انٽيليجنس جي ڪم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

ڪراچيءَ ۾نفرتن، قتل ۽ رتوڇاڻ جي سياست نه ٿيڻ ڏينداسين: مراد علي شاهه” ایک تبصرہ

  1. Hello аll, guyѕǃ Ι know, my meѕѕage maу bе tоо sрecіfіc,
    Βut mу ѕіstеr found niсe mаn hеrе аnd thеу marrіed, so how аbout mе?ǃ 🙂
    I аm 23 yeаrѕ оld, Lіna, from Rоmaniа, Ι know Еnglіsh and Germаn lаnguages аlѕо
    Аnd… I hаve ѕресіfіc diѕеase, namеd nymphomаniа. Whо know whаt іs thіs, сan underѕtаnd mе (bettеr tо sаy it immediatelу)
    Аh yeѕ, I сoоk verу tаstyǃ and Ι love nоt оnly cоok ;))
    Im rеal girl, not prоѕtіtutе, and lооkіng for serious and hоt rеlаtіonѕhір…
    Αnуwaу, уоu сan fіnd mу prоfile herе: http://achloole.tk/user/4480/

پنهنجي راءِ ڏيو