24

ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال مان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال مان هڪ شخص جو تشدد ٿيل لاش مليو آهي. تفصيل مطابق ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ڀرسان هڪ گهر جي زمين هيٺ ٽانڪي مان 25 ورهين جي نوجوان سيد محمد علي پٽ اقبال پاشا جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي. اطلاع ملڻ تي ڇيپا جي رضا ڪارن لاش کي ٽانڪي مان ٻاهر ڪڍي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو