ليکڪ: حبيب بليدي
سماج اندر منظم سياسي تنظيمن جي قيام جو مقصد انساني گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ جمهوري طريقي سان وقت جي حڪومت کان عمل ڪرائڻ هجي ٿو ۽ ان تي عمل ڪرائڻ تڏهن ممڪن هوندو آهي جڏهن سماج ۾ منظم سياسي ڍانچو موجود هجي، توڙي جو سياست ته سڄي پاڪستان جي بگاڙ جو شڪار آهي، پر سنڌ جي سياست ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منتشري جو شڪار آهي، ڪراچي سنڌ جي گادي جي هنڌ هجڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي قومي خزاني ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس جمع ڪرڻ جو اعزاز رکندڙ شهر آهي، پر ان شهر جي منتشر سياست سڄي سنڌ جي ترقي ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجندي رهي آهي، ڇو ته سرمائيدار سرمايو لڳائڻ کان پهريان سياسي استحڪام کي نظر ۾ رکندو آهي ۽ بد قسمتي سان گذريل ڏهن سالن کان سنڌ جي سياست عدم استحڪام جو شڪار آهي. گذريل ڏهن سالن کان ڪراچي جي سياست منتشر هجڻ ڪري عوامي سهولتن خاطر ڪي به وڏيون اسڪيمون سرڪاري سطح تي شروع نه ڪيون ويون آهن، سرڪاري اسڪيمون وڏي کان وڏي سرمائيدار طبقي کان وٺي مزدور طبقي تائين خوشحالي جو سبب بڻبيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ شهرن سان گڏ اتان جي رهندڙ ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي ۾ نمايان فرق ايندو آهي، پر بدقسمتي سان اها منتشر سياست جي ڪري نه صرف ظاهر نه ٿي سگهي آهي پرتباهي جو شڪار آهي. گذريل ڏهاڪي تي تاريخي حوالي سان نظر ٿا ڦيرايون ته ان ۾ سنڌ جيڪو ڪمائي جي لحاظ کان پاڪستان جي مڙني صوبن کان وڏو صوبو آهي، ان ۾ ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين ڪي به وڏا عوامي منصوبا ته شروع ناهن ٿيا پر ماضيءَ جا منصوبا ۽ اسڪيمون به رولڙي جو شڪار نظر اچن ٿيون، سنڌ کان سواءِ پاڪستان جي ٻين صوبن جي وڏن شهرن جهڙوڪ لاهور، پشاور، ملتان ۽ فيصل آباد ۾ ميٽرو بس ۽ اورينج ٽرين جهڙا وڏا منصوبا نه صرف جوڙايا ويا آهن پر انهن منصوبن کي مڪمل ڪري اتان جي رهندڙن کي سهولتون به ڏنيون ويون آهن، جنهن جي نتيجي هر سطح جي ڪاروبار ۾ واڌ ٿي آهي ۽ اتان جو مضبوط طبقو به سنڌ جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوش نظر اچي ٿو، پر ڏٺو وڃي ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه سميت سنڌ جا ٻيا شهر ترقي جي لحاظ کان بدحالي جو شڪار آهن، جنهن جي ڪري اتان جا رهواسي گهربل بنيادي سهولتون نه هجڻ جي ڪري مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي پليٽ فارمن تان احتجاجن ذريعي اختيار وارن کان سهولتون به گهري رهيا آهن، ڪراچيءَ جي ترقي جي جيستائين ڳالهه آهي ته اتي منتشر سياست جي اثرن ۽ هڪٻئي مٿان الزامن واري رساڪشي مان اسان جا سياستدان جان آجي نه ڪرائي سگهيا آهن، ڪراچي گهڻ قومي شهر هجڻ باوجود ماضي ۾ اتي ايم ڪيو ايم جي پارلياماني سياست جو اثر رسوخ طويل عرصي تائين رهيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي طرز سياست سان ملڪ جي سمورين ڌرين کي اعتراض رهيو آهي، هوءَ هر حڪومت ۾ حصيدار رهي آهي، ڏٺو وڃي ته 70 سالن جي تاريخ ۾ اڳوڻي فوجي صدر جنرل پرويز مشرف جي جوڙيل بلدياتي دور ۾ ناظم اعليٰ مرحوم نعمت الله ايڊووڪيٽ ۽ ان کانپوءِ ٻئي ميئر ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن جي شروعات ڪئي، پر ان کانپوءِ وري ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ کي هٿرادو مينڊيٽ ڏياريو ويو ۽ جيڪو پڻ ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ جو وڏو سبب بڻيو، پر جنهن مقصد لاءِ تحريڪ انصاف کي ڪراچي جي سياست تي قابض ڪيو ويو، ان مقصد ان پارٽي جو غير سياسي گروهه مڪمل طور تي نه صرف ناڪام ٿي ويو آهي، پر ان ڪاروباري ماڻهن کي به مايوس ڪيو آهي، جنهن سبب سرمائيدار پنهنجو سرمايو لڳائڻ کي پنهنجي ڪاروبار لاءِ خطرو تصور ڪري رهيا آهن ۽ ان ڪري به سنڌ جي ترقي جو ڦيٿو جام ٿي ويو آهي، جيڪو مستقبل قريب ۾ سنڌ جي سياست کي وڌيڪ منتشر ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ملڪ ۽ ملڪ جي اندر صوبن ۽ انهن ۾ رهندڙ قومن لاءِ سرڪاري بنيادن تي متعارف ٿيندڙ عوامي منصوبا ئي اهڙو ذريعو آهن جيڪي ٻاهرين سرمائيدار سميت مقامي سرمائيدار کي سرمايو لڳائڻ لاءِ راضي ڪندا آهن ۽ سڀ کان اهم ڳالهه سياسي استحڪام جو هجڻ آهي، پر موجوده صورتحال مان اسان جي صوبي جو ماڻهو گهوٽڪي ضلعو پار ڪري پنجاب جي شهر صادق آباد ۾ داخل ٿيندي جيڪا ترقي ڏسي ٿو، اها کيس احساس ڪمتري جو شڪار ڪري ٿڪائي وجهي ٿي ۽ نتيجي ۾ اسان جو ماڻهو پنهنجي سياست کي برو ڀلو چوڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي، بنيادي طور تي جتي به منتشر سياست هوندي آهي اتي ترقي ناهي ٿي سگهندي، اتان جا شهر ترقي ناهن ڪندا، اتان جا ڳوٺ پٺتي پئجي ويندا آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڀ کان پهريان اسان پنهنجي سياسي قوت کي وڌايون ۽ گڏوگڏ سچن ۽ صاف ماڻهن کي اڳيان آڻيون جيڪي عوامي منصوبا ڏئي سگهن ۽ نه صرف ڏئي سگهن پر انهن تي عمل به ڪرائي سگهن، جيئن ترقي ڪاغذن بدران زمين تي نظر اچي سگهي. اسان جي سياستدانن کي ڪراچي ۾ پنهنجو اثر ۽ اعتماد وڌائڻ لاءِ وڏا عوامي منصوبا شروع ڪرڻ گهرجن، جيئن ڪراچي جي مقامي ماڻهن جو اعتماد بحال ٿي سگهي، اهڙا منصوبا نه رڳو شروع ڪرائڻ گهرجن پر انهن کي مڪمل پڻ ڪرايو وڃي ۽ ڪراچي مان ئي اهڙن نمائندن جي چونڊ ڪرڻ گهرجي، جيڪي مقامي ماڻهن جي اعتماد تي پورا لهن ۽ انهن جو مقصد ڪراچي جي ترقي هجي، جيڪڏهن اسان ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب وياسين ته ڪراچي جي منتشر سياست جو حل به نڪري ايندو ۽ يورپ ۽ آمريڪا جهڙي نه ته گهٽ ۾ گهٽ پنجاب جهڙي ترقي پنهنجي شهرن کي ڏيارڻ ۾ ڪامياب وينداسين.