ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ ڌاڳو ٺاهڻ واري فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 3 پورهيت سڙي فوت ٿي ويا آهن. رپورٽن مطابق باهه ڌاڳو ٺاهيندڙ فيڪٽري جي ٽئين ماڙ تي لڳي، جنهن سڄي عمارت کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو. چيف فائر آفيسر مبين احمد جو چوڻ آهي ته فيڪٽري ۾ لڳل باهه تي سنارڪل ۽ فائربرگيڊ جي 4 گاڏين جي مدد سان ضابطو آندو ويو آهي، باهه لڳڻ سبب 3 پورهيت علي شير، محمد ڪاظم ۽ فياض سڙي فوت ٿي ويا. فيڪٽري مالڪ عمران جو چوڻ هو ته فيڪٽري ۾ باهه وسائڻ وارا سمورا اوزار موجود آهن، فيڪٽري ۾ ايمرجنسي ايگزٽ به موجود آهي، جڏهن ته فيڪٽرين جي درين کي سيڪيورٽي تحت بند ڪيو ويو هو. فيڪٽري مالڪ الزام مڙهيو ته فائربرگيڊ باهه وسائڻ لاءِ دير سان پهتي جنهن سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. ٻئي پاسي صوبائي وزير سهيل انور سيال متاثر فيڪٽري وٽ پهتو ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته امڪان آهي ته فيڪٽري ۾ باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، ٽن پورهيتن جي سڙي فوت ٿيڻ تي افسوس آهي، فائربرگيڊ ۽ فيڪٽري مالڪن خلاف جاچ ٿيندي، جيڪو به ذميوار نڪتو تنهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
