فائرنگ 26

ڪراچي جي گولڊ برج واري علائقي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب چار ڄڻا زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي گولڊ برج واري علائقي ۾ ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾ گوليون لڳڻ سبب چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. تفصيل مطابق ڪراچي جي گلبرگ ٿاڻي جي حد ۾ واقع گولڊ برج واري علائقي ۾ ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾ گوليون لڳڻ سبب چار ڄڻا نفيس ، حسيب ، عبدالرحيم ۽ شهر يار زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال ڀيڙو ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني جي بنياد تي پيش آيو آهي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو