36

ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قيدي طرفان سوشل ميڊيا ذريعي اڳوڻي زال کي حراسان ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عمر قيد جي سزا ڪاٽيندڙ جوابدار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ چئلينج بڻجي ويو آهي، جوابدار سينٽرل جيل مان اڳوڻي زال کي سوشل ميڊيا ذريعي حراسان ڪرڻ لڳو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جوابدار نعيم شيخ جي اڳوڻي گهر واري اسما مشتاق تحفظ لاءِ درخواست ڏني، جنهن جي ٻڌڻي دوران اسما مشتاق جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جوابدار نعيم شيخ واٽس ايپ ذريعي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، منهنجي موڪل اسما 2017ع ۾ نعيم شيخ کان طلاق ورتي هئي، جنهن تان نعيم شيخ حملو ڪري اسما جي مامي کي قتل ڪيو هو ۽ ان ۾ اسما زخمي ٿي هئي. درخواستگذار جو چوڻ آهي ته 2019ع ۾ ٽرائل ڪورٽ جوابدار نعيم شيخ کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، 2019ع کان جوابدار مسلسل جيل مان ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هو جيل مان ٻاهر ايندو ويندو آهي ۽ مون کي تصويرون به اماڻيندو آهي. درخواستگذار حراسان ڪرڻ بابت ثبوت پڻ عدالت ۾ پيش ڪيا، جنهن کانپوءِ عدالت پوليس کي عورت کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت درخواستگذار کي حراسمينٽ بابت نئين درخواست داخل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي ۽ ٻڌڻي 10 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو