ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ لوڪل گورنمينٽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي ۾ ڪرپشن جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪاميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ سائوٿ ڪراچي سيد ڪامران الحسن شيخ ڪاميٽي جو سربراهه هوندو، جڏهن ته ايڊيشنل ڊائريڪٽر عبدالرحيم ميمڻ ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر فاروق احمد قاضي جاچ ڪاميٽي جا ميمبر هوندا، ڪاميٽي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي جي ٽيڪسن، فيس، ٽول ۽ ٻين خرچن ۽ آمدني جي رڪارڊ جو جائزو وٺندي ۽ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ خرچن جي اوڳاڙي بابت ضابطن کي پڻ جاچ هيٺ آڻيندي، ڪاميٽي جاچ ڪندي ته ٽيڪسن ۽ اوڳاڙين بابت لاڳاپيل کاتي کان اجازت ورتي وئي هئي يا پنهنجي مرضي سان سڀ ڪم ڪيا ويا، لاڳو ڪيل اگهن جي شيڊول موجود آهي، يا حڪومت کان اجازت ورتي وئي، ريڪوري ڪيل پئسا سرڪاري اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا ويا يا نه، ڪاميٽي جاچ ڪندي ته اوڳاڙي ڪيل پئسن جي ڪيش بڪ ۾ رجسٽري ڪئي وئي آهي يا نه ڪئي وئي آهي، ٺيڪيدارن پاران ڊمانڊ تحت پئسا جيڪي لازمي جمع ڪرائڻا هوندا آهن، اهي جمع نه ڪرايا ويا آهن، ان بابت ضلعي ڪائونسل ڪهڙا اپاءُ ورتا آهن ۽ ڊپارٽمينٽ پاران ٽن سالن دوران ريڪوري ڪيل پئسن جو پاڻ ۾ توازن ڪيو ويندو، لوڪل گورنمينٽ پنهنجي جاري ڪيل هڪ ليٽر ۾ لکيو آهي ته ضلعي ڪائونسل ڪراچي پاران ڏنل جواب مطمئن ڪندڙ ناهن، ان ڪري هي ڪاميٽي سمورين شين جي جاچ ڪندي.
101